وزيراعظم جي نواز شريف سان ملاقات، اهم معاملن تي ڳالهيون

لاهور ( م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان سندس رهائشگاهه جاتي امرا ۾ ملاقات ڪئي،ملاقات دوران  مستقبل جي سياسي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ٿيل ملاقات ۾ پاڪ-سعودي لاڳاپن، ملڪ ۾ موجوده دهشتگردي جي لهر ۽ عوامي منصوبن سميت ٻين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. هن چيو ته دهشتگردي جو خاتمو آڻينداسين، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جون قربانيون ساراهه جي لائق آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.