صدارتي خطاب دوران گوڙ ڪندڙ ڀولا آهن، کانئن ڊڄڻ وارا ناهيون: بلاول

اسلام آباد(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير دوران گوڙ ڪندڙ اپوزيشن ميمبرن کي جهنگ جو بندر قرار ڏنو. آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ٽن نسلن آمريت جو مقابلو ڪيو آهي، انهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون.  بلاول ڀٽو چيو ته مخالف ڌر جي ٻن ميمبرن جي معطلي ضروري هئي، اهڙو مثال قائم ڪيو وڃي ته ميمبر پارليامينٽ جي اصولن ۾ رهي ڪم ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن هوءَ دائري ۾ رهي ڪري ڪم ڪندي ته مخالف ڌر کي ڀليڪار ڪريون ۽ سندس تنقيد کي به ڀليڪار ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومتي قدمن سبب ماني جي قيمت ۾ گهٽتائي ناهي آئي. سندس چوڻ هو دائري ۾ رهي ڪم ڪيو ويندو ته اپوزيشن کي ويلڪم ڪنداسين ۽ انهن جي تنقيد جي به آجيان ڪنداسين، اپوزيشن وارا آصفه کان ڊڄن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومتي قدمن سان ماني سستي ناهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.