ڪنڌ ڪوٽ: ڪنڌ ڪوٽ واسين ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران امن کپي مھم شروع ڪري ڇڏي آهي، مختلف سياسي سماجي صحافي ۽ ڪاروباري طبقي پاران امن جو جھنڊو کڻي وڊيو ڀري امن کپي مھم جو حصو بڻجي عوام کي ايندڙ جمعي جي ڏينهن امن ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
-
ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيندڙ 18 مغوين مان هڪ به پوليس آزاد ڪرائڻ ۾ ناڪام
ڪنڌ ڪوٽ: ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي ۾ اغوا ٿي ويل 18 ڄڻن کي بازياب ڪرائڻ ۾ پوليس ناڪام ٿي وئي آهي، عيد واري ڏينهن ملڪ برادري جا 2 ۽ شيخ برادري جو هڪ ڄڻو، مزدا ڊرائيور، ڪلنير ۽ پٺاڻ برادري جو معصوم ٻار سميت 2 ڏينهن اڳ اغوا ٿيندڙ مائڪرو فناس بينڪ جا پنج ملازم پوليس آزاد ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي، پوليس مغوين جي وارڻ کي خالي دلاسا ۽ آسرا ڏئي رهي آهي.