غيرپارليماني زبان جو استعمال، جمشيد دستي ۽ محمد اقبال جي رڪنيت معطل

اسلام آباد ( م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق اپوزيشن ميمبر قومي اسيمبلي جمشيد دستي ۽ محمد اقبال جي رڪنيت  معطل ڪري ڇڏي، اسپيڪر اياز صادق صدر آصف علي زرداري جي خطاب دوران غير پارليماني زبان استعمال ڪرڻ تي هڪ اجلاس لاءِ ٻنهي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي آهي، اسپيڪر جي صدارت هيٺ هلندڙ قومي اسيمبلي اجلاس 40 منٽ دير جو شڪار پڻ ٿيو، اسپيڪر رولنگ ڏيندي چيو ته صدارتي خطاب دوران جمشيد دستي ۽ محمد اقبال غيرپارليماني زبان استعمال ڪئي آهي، ٻنهي ڄڻن اسيمبلي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، جنهن تي ٻنهي ميمبرن جي هلندڙ اجلاس لاءِ رڪنيت معطل ڪئي پئي وڃي، ٻئي ميمبر موجوده اجلاس ۾ حصو نه وٺي سگهندا، ٻئي طرف ميڊيا سان ڳالهائيندي اقبال خان جو چوڻ هو ته احتجاج ڪرڻ وڏي ڳالهه نه آهي، ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني جي پاسداري لاءِ هر حد تائين وينداسين، احتجاجن جو سلسلو هلندو رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.