پشاور (تجزيو: وسي بابا) عيد جي موقعي تي ملا هيبت الله پنهنجي پيغام ۾ چيو هو ته اسان مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر شريعت تان هڪ قدم به پوئتي نه هٽنداسين. سراج حقاني طالبان کي چيو هو ته اهي سختي ڪري حڪومت ۽ افغان عوام ۾ فاصلا نه وڌائين، حقاني جو چوڻ هو ته 40 سالن جي مسئلن ۽ ڏکيائين کانپوءِ ماڻهن جو احساس ڪيو، اسان جي خواهش ته آهي پر جيڪو نظام آڻڻ چاهيون ٿا، اهو فوري طور ممڪن ناهي. عبدالباقي حقاني نيشنل ايگزيمينيشن اٿارٽي جو سربراهه آهي. هن چيو آهي ته ماڊرن سائنس ئي اسان کي خود مختيار ڪري سگهي ٿي محمد نبي عمري گهرو معاملن بابت ڊپٽي منسٽر آهي، هن چيو آهي ته سسٽم رڳو ملا نٿا ٺاهي سگهن، مان ۽ منهنجا وڏا غلطي تي آهن جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ته رڳو اسان ئي ٺيڪ آهيون، رڳو جهادي ۽ طالب نظام نٿا هلائي سگهن. ملا هيبت الله جي سخت پاليسي جي مخالفت ۾ آواز هاڻ مسلسل اٿي رهيا آهن، افغان طالبان تي ملا هيبت الله جي پڪڙ مضبوط آهي پر جيڪي ان جي پاليسي تي تنقيد ڪري رهيا آهن، اهي سڀ به طالبان حلقن ۾ تمام بااثر آهن. افغان طالبان کي پنهنجي تنظيمي ڊسيپلين تي ناز هو، هاڻ انهن جي اندران اختلاف نظر ۽ ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن، وردگ مان وڏي انگ ۾ داعش کي ڀرتي حاصل ٿي آهي، داعش افغان طالبان جي صفن ۾ مضبوط ٿي چڪي آهي، ٽي ٽي پي به افغان طالبان لاءِ هڪ مستقل مسئلو آهي، ان خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جو سبب به پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ڇڪتاڻ آهي، محمد نبي عمري رمضان ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ٽي ٽي پي تي تنقيد ڪئي. سندس چوڻ هو ته اسان پنهنجي ڀائرن (ٽي ٽي پي) کي چئون ٿا ته توهان ڳالهيون ڪيو، اسان جنگيون ۽ انقلاب ڏٺا آهن، اهي پويان رڳو تباهي، بيواهون، يتيم، کنڊر ۽ تباهه معيشت ئي ڇڏينديون آهن. عمري ٽي ٽي پي ۽ پاڪستان کي ڳالهين جو مشورو ڏنو، پرڏيهي وزير امير خان متقي، بچاءَ واري وزير ملا يعقوب کانسواءِ عباس ستناڪزئي طالبان امير جي سخت پاليسين خلاف عوامي اجتماعن ۾ ڳالهائي چڪو آهي. ملا برادر به هر هر ملا هيبت الله کي اهو چئي چڪا آهن ته حڪومتي معاملن ۾ گهٽ کان گهٽ مداخلت ڪيو،