جيڪب آباد ۾ بدامني ۽ مغوين جي آزادي لاءِ مارچ

جيڪب آباد (رپورٽ: حضور بخش سومرو) جيڪب آباد ۾  جمعيت علماءِ اسلام پاران سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، جي يو آءِ جي ساٿين ۽ ٻين کي اغوا ڪرڻ ۽ انتقامي ڪاروائين خلاف احتجاجي مارچ ڪڍيو ويو، مارچ جي اڳواڻي جي يو آءِ ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، سيد عبدالباسط شاهه، مولانا سراج احمد ڊول، اسدالله حيدري، قاري عنايت الله مھر، قاري عبدالوھاب لاشاري، مولانا عبدالوحيد بروھي، مولانا ڪريم بخش پندراڻي، چاڪر خان جکراڻي، فاروق احمد پھوڙ، واحد بخش انڙ، ثناءُ الله بروهي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ڌاڙيلن حوالي ٿيل آهي، جي يو آءِ جي ثناءُ الله سومرو، بشير احمد پھوڙ سميت پريا ڪماري، نويد لاشاري، فضيلا سرڪي ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آھن، جي يو آءِ جي اڳواڻن مولانا ربنواز ٻرڙو، فوجي قمرالدين، استاد منظور احمد سرڪي ۽ ٻين سان اليڪشن کانپوءِ انتقامي ڪاروايون ڪيون پيون وڃن، دھشتگردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن ۽ عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ امن ڪرائي مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.