پنجاب ۾ مهانگي ماني وڪڻندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون، 80 ڄڻا گرفتار

لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ مهانگي ماني وڪرو ڪرڻ تي 80 کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار ڪري ڪيترائي هوٽل سيل ڪيا ويا. لاهور ۾ پنجاب حڪومت جي ماني 16 رپين ۾ وڪرو ڪرڻ واري حڪم جي ڀڃڪڙي تي 98 ڪيس داخل ڪري 75 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. لاهور ضلعي انتظاميا موجب لاهور ۾ 24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 265 نان روٽي پوائنٽس جي چيڪنگ دوران 280 هنڌن تي ڀڃڪڙي ظاهر ٿي. ضلعي انتظاميا جي ترجمان موجب نان جي اگهن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 3 لک کان وڌيڪ ڏنڊ پڻ لڳايو ويو آهي. ان کان علاوه ملتان ۾ پرائس ڪنٽرول ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي 6 هوٽلن کي سيل ڪري 10 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.