برساتن سبب دبئي ايئرپورٽ تي ڪرڪيٽرن سميت 200 پاڪستاني ڦاٿل

ابوظهي (م ڊ) دبئي ۾ تيز برساتن سبب 2 سئو کان وڌيڪ پاڪستاني ايئرپورٽ تي ڦاٿل آهن، ايئرپورٽ تي ڦاٿل 2 سئو پاڪستانين  ۾ ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري ظفر پراچه، قومي ڪرڪيٽر مصباح الحق، عبدالرزاق، ڪامران اڪمل ۽ عمر گل ۽ ٻيا شامل آهن،  پرڏيهي ايئر لائن ڀارتي ۽ نيپالي مسافرن کي هوٽل ڏانهن روانو ڪيو پر پاڪستاني مسافر ٻن ڏينهن کان ايئرپورٽ تي ترسيل آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته دبئي ۾ طوفان سبب ڪويت ۾ به اڏامون بيٺل آهن، پرڏيهي ايئر لائن پاڪستاني مسافرن سان توهين آميز سلوڪ ڪري رهي آهي، ايئر لائن مسافرن کي ٻن ڏينهن ۾ صرف ٻه ڀيرا کاڌو ڏنو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.