ڀرياسٽي مان گم ٿيل نينگري جو گندگي پاڻي جي کڏ مان لاش هٿ

ڀرياسٽي (ن ع آ)ڀرياسٽي جي ڪلهوڙا ڪالوني واسي 3 ڏينھن اڳ مبينا گم ٿيل ٽن ورھين جي معصوم ٻارڙي جو لاش گندي پاڻي جي کڏ  مان هٿ آيو، معصوم نينگري ڪرن ڌيءُ فرزند ڪلهوڙو جو لاش ڪلهوڙا ڪالوني ۾ سندن گھرن  ڀرسان گندي پاڻي واري وڏي کڏ مان هٿ آيو. ان سلسلي ۾ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ليڊي ڊاڪٽرياڻي ٻڌايو ته نينگري جو پوسٽ مارٽم ڪيو آھي ظاھر طور تشدد يا جنسي زيادتي سميت ڪو به نشان ناھي مليو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.