جيڪب آباد، ڪشمور ۽ ڀرپاسي ڌاڙيلن خلاف آپريشن، 10 شڪي گرفتار

جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد، ڪشمور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڌاڙن ۽ اغوا وارداتن ۾ ملوث ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، ايس ايس پي ڪشمور  بشير احمد بروهي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد سيد سليم شاهه جي نگراني ۾ ضلعي جيڪب آباد ۽ ڪشمور پوليس جي وڏي نفري رينجرز سان گڏ جيڪب آباد ۽ ڪشمور جي سرحدي علائقن ۾ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران 10 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو ۽ پوليس ڌاڙيلن جا ٺڪاڻا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد سليم شاهه جو چوڻ آهي ته آپريشن ۾ پوليس سان گڏ رينجرز جي وڏي نفري هٿياربند گاڏين ۾ جديد مشنري سميت حصو ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.