ڪراچي (رپورٽ :حفيظ ڦلپوٽو )سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي ۾ ايس ايس پي بينظير آباد، ايس ايس پي سکر، ايس ايس پي شڪارپور عرفان علي سمون، ايس ايس پي خيرپور زبير نذير، ڊي ايس پي سي ٽي ڊي سکر عبدالقدوس ۽ ڊي ايس پي سائيٽ شامل آهن سکر مشتاق احمد به جاچ ڪميٽي جو حصو هوندو. آءِ جي سنڌ جاچ ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري 15 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي. صحافي جي قتل ڪيس ۾ ڪجهه جوابدار گرفتار آهن جڏهن ته ٻيا مفرور آهن.