ڪراچي ۾ گرفتار جوابدار پوليس تشدد ۾ مارڻ جو انڪشاف

ڪراچي (م ڊ) انڪشاف ٿيو آهي ته ڪراچي جي درخشان ٿاڻي تي تشدد سبب جوابدار مارجي ويو. جناح اسپتال مان جاري ڪيل پوسٽ مارٽم جي رپورٽ موجب، مقتول جي جسم تي 13 هنڌن تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويوآهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سب انسپيڪٽر سليم بروهي جوابدار  معيز نسيم کي مرده حالت ۾ اسپتال آندو هو، جوابدار جا ڪپڙا رت سان ڀريل هئا، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار کي ڀتي جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو هو، جيڪو دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو، ٻئي طرف پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ اچڻ بعد ڊي آءِ جي اسد رضا ايس ايڇ او درخشان کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.