پي ٽي آءِ پاران شبلي فراز سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ نامزد

اسلام آٻاد(م ڊ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر شبلي فراز کي سينيٽ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ نامزد ڪرڻ جي درخواست سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي وئي. تحريڪ انصاف جي سينيٽرن شبلي فراز کي اپوزيشن ليڊر نامزد ڪرڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. سينيٽر شبلي فراز جي نامزدگي تي تحريڪ انصاف جي سمورن 19 سينيٽرن جون صحيحون آهن. واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي باني سينيٽر شبلي فراز کي سينيٽ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ نامزد ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.