جنرل ايمن بلال جي استعيفيٰ جو سبب عمري دوران رڪارڊنگ بڻي؟

راولپنڊي(معظم فخر+عمران شفقت+شاهد اسلم+سعيد چوڌري+حسنات ملڪ) آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه رٽائرڊ جنرل فيض حميد خلاف هاڻي ڪارروائي ڇو پئي شروع ٿي؟ هن خلاف ڪارروائي ته تڏهن ٿيڻ گهرجي ها  جڏهن قمر معيز 2017ع ۾ آءِ ايس آءِ سربراهه خلاف عدالتن جا ڌڪا پئي کاڌا،سوشل ميڊيا جي دور ۾ ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ آسان ناهي رهيو،آءِ ايس آءِ وارن جڏهن نجي هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ قمر معيز جي گهران جڏهن 400 تولا سون ۽ 4 ڪروڙ رپيا ڪيش ڦر ڪيا تڏهن ته ڪنهن به خوداحتسابي ياد نه آئي،اعليٰ شخصيت جي ڪاوڙ جي چڪر ۾ فيض حميد کي قرباني جو ٻڪر بڻايو ويو آهي،سڀني کي خبر آهي ته جنرل(ر) فيض حميد خلاف ڪارروائي سان سياسي اڳڀرائي جو عمل رڪجي ويندو،استعيفيٰ ڏيندڙ منگلا جي ڪور ڪمانڊر جنرل ايمن صفدر به پاڻ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙي هنئي هئي،هن جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڪهاڻيون گردش ۾ آهن، ن ليگ جي قيادت اسٽيبلشمينٽ تي سئو سيڪڙو اعتماد نه پئي ڪري،ن ليگ کي شڪ آهي ته اسٽيبشلمينٽ ن ليگ کي دٻاءُ ۾ رکڻ لاءِ سندس ساک سواليه نشان بڻائي وئي،نوازشريف جي چونڊ تي  به سوال اٿاريا ويا،ن ليگ محسن نقوي کي بنياد بڻائي اسٽيبشلمينٽ تي حملي آور آهي،فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ جنرل(ر) فيض حميد کي ڪلين چٽ ملي وئي، ان ڪيس ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاڻ متاثر آهي،ڇو ته ان ڌرڻي ڪيس ۾ رمارڪس جي بنياد تي ئي عمران خان جي حڪومت جنرل فيض حميد جي خواهش تي قاضي فائز عيسيٰ خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس موڪليو هو،جنرل فيض حميد خلاف ڪارروائي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ئي ٿي رهي آهي،ٻئي پاسي اهي خبرون به گردش ۾ آهن ته جنرل ايمن صفدر خلاف ڪارروائي آرمي چيف جنرل عاصم منير تي تنقيد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ شروع ڪئي وئي،هن کان استعيفيٰ ورتي وئي آهي، جنرل ايمن صفدر اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاران ميجر جنرل مان ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي ماڻيندڙ 12 جنرلن ۾ شامل هو،اهي ترقيون فوجي روايتن جي خلاف هيون، ايمن صفدر اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار تي گهڻي تنقيد ڪندي هئي،هن جي خواهش باوجود کيس چيف آف جنرل اسٽاف مقرر نه ڪيو ويو،هن جو مقصد اهو هو ته جڏهن نومبر 2025ع ۾ نئين آرمي چيف  جي نالن جي لسٽ جڙندي ته هن جو نالو به سينيارٽي لسٽ ۾ چوٿين نمبر تي شامل هوندو،آرمي چيف بڻجڻ جي چڪر ۾ هن(ايمن صفدر) ڪجهه ڪورڪمانڊرن ۾ لابنگ به ڪئي،ان دوران هو جڏهن عمري تي ويو ته اهي هڪ سڃاڻپ رکندڙ شخصيت سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن موجوده آرمي چيف خلاف سخت زبان استعمال  ڪئي،ايمن صفدر چيو ته هن وقت فوج ۽ عوام وچ ۾ جيڪا سخت ڇڪتاڻ آهي ان جو سبب آرمي چيف عاصم منير آهي،ان ملاقات ۾ ٿيندڙ ڳالهيون رڪارڊ ٿي ويون ۽ ملاقاتي اهي ڳالهيون جي ايڇ ڪيو موڪلي ڇڏيون،کيس جي ايڇ ڪيو گهرائي ان رڪارڊنگ ٻڌائي وئي،ان سلسلي ۾ هو ڪو جواب نه ڏئي سگهيو،کيس چيو ويو ته توهان وٽ ڳالهائڻ لاءِ  جي ايڇ ڪيو جو فورم هو،هاڻي استعيفيٰ ڏيو يا ڪورٽ مارشل کي منهن ڏيو،ذريعن موجب جنرل ايمن صفدر اهو نه پئي چاهيو ته جنرل عاصم منير آرمي چيف بڻجي،ڏيڍ سال ۾ هو آرمي چيف جي حوالي سان مهم هلائي رهيو هو،منگلا ڍنڍ ۾ هو ”خاص قسم“ جون محفلون به منعقد ڪندو هو جنهن ۾ عام مشروب سان گڏ”ماکي واريون بوتلون“ به واپرايون وينديون هيون،اهي رپورٽون به مٿي پهچي رهيون هيون، ان کان علاوه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط ۾ سندس شموليت جو عنصر به شامل هو ،باخبر ذريعن موجب قمر جاويد باجوا جڏهن آرمي چيف بڻيو تڏهن هن 7 ميجر جنرلن کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقيون ڏنيون هيون، پر هن ويندي ويندي آرمي چيف جنرل عاصم منير لاءِ ميجر جنرلن کي ترقي ڏيڻ جو ڪو به رستو نه ڇڏيو هو،ايمن صفدر جو خاندان فوج سان تعلق رکندڙ هو،هن جي ننڍپڻ کان وٺي پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب سان  دوستي هئي، 9 مئي واقعن کانپوءِ هن عمرايوب ۽ حماد اظهر کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي،جڏهن ته 9 مئي واقعي دوران ڪور ڪمانڊر لاهور سلمان فياض غني ۽ جنرل آصف غفور سان به هن جي دوستي آهي، ايمن صفدر ڪورڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ آرمي چيف جي پاليسين تي تنقيد ڪندو هو، ايمن صفدر جي مقرري دوران ڪور ڪمانڊر منگلا هائوس جي اڏاوت ۾ 25،20 ڪروڙن جي گهوٻين جا به اطلاع آهن، جڏهن ته فيض حميد خلاف ڪارروائي جو سبب بڻجندڙ ٽاپ سٽي هائوسنگ اسڪيم جي حوالي سان معلومات ملي آهي ته برطانيه ۾ رهندڙ زاهده جاويد سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کي درخواست ڏني هئي ته قمر معيز جعلسازي ڪري سندس هائوسنگ اسڪيم تي قبضو ڪيو آهي،هو سندس ملازم رهيو آهي،زاهده جاويد اسلم اهو به انڪشاف ڪيو هو ته هن ڪنهن ذريعي آءِ ايس آءِ جي سربراهه جنرل فيض حميد سان به رابطو ڪيو،فيض حميد ان عورت کي آڇ ڪئي ته اسان ان سوسائٽي سان قبضو ته ختم ڪري ڇڏينداسين پر اها سوسائٽي توهان اسان کي ڏئي ڇڏيو، ان عورت سمجهيو ته شايد اها زمين فوج لاءِ گهري رهيا آهن ان ڪري هن راضپو ڏيکاري ڇڏيو،اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار عدالت ۾ عورت جي درخواست جي سلسلي ۾ رڪارڊ تلف ڪري ويو هو،جنرل فيض حميد خلاف ڪارروائي جي ٽائمنگ اهم آهي، فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر چيف جسٽس ۽ ن ليگ هئي،اهو معاملو بيلنس ڪرڻ لاءِ جنرل(ر) فيض خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي،گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته جنرل فيض خلاف جاچ سان ڪجهه نه ٿيندو،اهو به امڪان آهي ته هن خلاف ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شروع ٿئي،اهي به اطلاع مليا آهن ته جنرل(ر)فيض حميد کي بچائڻ جي ڪوشش ضرور ٿيندي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 19 اپريل 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.