ملازمت لاءِ عمر جي مٿين حد 65 سال جو شرط ختم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت اهم مقررين لاءِ تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور جي پاليسي ۾ ترميمن جو فيصلو ڪندي 65 سالن تائين جي عمر جي حد ختم ڪرڻ جي سمري تيار ڪري ورتي ذريعن موجب وفاقي حڪومت اهم عهدن تي مقررين  لاءِ عمر جي مٿين حد 65 سال جو شرط ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان سمري تيار ڪئي وئي آهي، حتمي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ترميمن کانپوءِ نين مقررين لاءِ عمر جي ڪا مٿين حد نه هوندي، ان قدم سان سپيشل پروفيشنل پي اسڪيلز تي نين مقررين جو رستو کلندو، ترميمن کانپوءِ هاڻ 65 سالن جي عمر کانپوءِ به مقرري ٿي سگهندي ۽ موجوده مقرري ۾ به 65 سالن جي عمر کانپوءِ واڌ جي ترميم به سمري جو حصو آهي. حڪومتي ذريعن موجب ان قدم سان باصلاحيت پيشيوراڻي ٽيڪنيڪي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون، نين مقررين سان وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنز جي صلاحيت ۾ بهتري آڻي سگهبي، ملڪ ۾ نئين ٽئلينٽ کي هٿي لاءِ 2019 جي پاليسي ۾ ترميمون ضروري آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنز ۾ گورننس جي نظام ۾ جدت آڻي وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويندو. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي ترميمون تجويز ڪيون آهن، وزيراعظم شهباز شريف ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي هئي.

  • خان پورمهر لڳ ناري جو گوليون لڳل لاش هٿ

خان پورمهر  (ن ع آ) خانپورمهر پوليس گشت دوران سم نالي وٽان هڪ ناري جو گوليون لڳل لاش هٿ ڪري هڪ ڪار ۽ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ايس ايڇ او خانپورمهر قابل ڀيو موجب گشت دوران گلزار ڳوٺ روڊ وٽان فائرنگ دوران پهتا سين ته اتي هڪ ڪار بيٺل هئي ۽ هڪ ناري صعران مهر  جو گوليون لڳل لاش پيل هو ۽ اتان  فرار ٿيڻ دوران 4 ڄڻن غلام نبي, غلام علي مھر سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي پوليس موجب وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

  • ڪراچي ۾ ”تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان“ جي جلسي جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي ۾ ”تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان“ جي جلسي جو اعلان ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر موجب 28 اپريل تي ڪراچي ۾ ” تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان“ جو جلسو ڪيو ويندو. اسد قيصر جو چوڻ هو ته جلسي ۾ تحريڪ انصاف ۽ اتحادي جماعتون شامل هونديون، اتحادي جماعتن جي ڪارڪنن، سول سوسائٽي ۽ نوجوانن کي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو.

  • هجرت ڪالوني جي خانگي اسڪول ۾ جنريٽر جي دونهي سبب 22 ٻارڙا بيهوش

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي هجرت ڪالوني ۾ قائم خانگي اسڪول ۾ جنريٽر جي دونهين سبب 22 ٻارڙا بيهوش ٿي ويا. تفصيل موجب ڪراچي جي هجرت ڪالوني سيڪٽر 2 ۾ واقع خانگي اسڪول ۾ 22 ٻارن جي حالت خراب ٿي  وئي آهي. واقعي کانپوءِ ايس ايڇ او سول لائن شاهد خان پوليس جي نفری سميت پهچي ويو ۽ ايڌي ايمبولينس ۽ رضاڪار واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون جاري رکيون ريسڪيو ادارن جو چوڻ آهي ته جنريٽر اسڪول جي گرائونڊ تي لڳايو ويو هو، جنهن سبب اسڪول ۾ دونهون پکڙجي ويو. ٻارڙن کي اسڪول مان ڪڍي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي ٻارڙن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيويٽ ادارن واقعي جو نوٽيس ورتو، جنهن بعد ڊائريڪٽوريٽ جي ٽيم اسڪول جو معائنو ڪرڻ لاءِ رواني ٿي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.