شھدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي ) تعلقي قبو سعيد خان ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير علي حسن بروھي ۾ جوابدارن ڪارو ڪاري جي الزام ھيٺ پسٽل جا فائر ڪري 22 ورھين جي نوجوان ثناءَ الله سنديلو ۽ 17 ورھين جي ھما بروھي کي قتل ڪري ڇڏيو،ناري ۽ نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد جوابدار فرار ٿي ويا.ا اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري ڳوٺ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، آخري اطلاعن تائين جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيا ھئا ۽ نه وري واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگھيو ھو,پوليس موجب واقعي ڪرڻ بعد جوابدار فرار ٿي ويا آهن ، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.