پني عاقل ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو،گهرو وزير جي موجودگي ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻو اغوا، وارثن جو ڌرڻو

پنوعاقل(رپورٽ: رستم انڍڙ) سکر ڊويزن ۾ گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ۽ آءِ جي سنڌ جي موجودگي دوران ڌاڙيل پني عاقل مان وڌيڪ هڪ ڄڻي کي اغوا ڪري ويا، جنهن بعد پني عاقل مان اغوا ٿيلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو آهي. بائجي ٿاڻي جي حد بلوچ ڪانٽي وٽ آرا مشين جو چوڪيدار غلام حيدر دايو اغوا ٿي ويو، پوليس ۽ ڳوٺاڻان ڌاڙيلن جا پيرا کڻي ڪچي ۾ ويل آھن، مغوي جي وارثن موجب هٿياربند 40 ورهين جي چوڪيدار کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن ۽ اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، 2 ڏينهن اڳ پنوعاقل ڀرسان ٿاڌل هلائيندڙ ٻن پورهيتن ڪامران ۽ پيارو رياستي کي به اغوا ڪيو ويو آهي ۽ ان کان اڳ پنوعاقل مان ڪراچي جي واپاري محمد رمضان کي به ڌاڙيل اغوا ڪري ويا آهن جيڪو ھينئر تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آھي،  پيرسن چوڪيدار  غلام حيدر دايو  جي وارثن غلام محمد دايو ۽ دايا برادري  جي پريل دايو، يقين علي دايو، بشير دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بائجي ٿاڻي اڳيان احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي  مغوي جي وارثن سخت نعريبازي ڪندي چيو ته اسانجو ھمراھ  اغوا ٿي ويو آھي ۽ بائجي پوليس تدارڪ نه پئي ڪري، ھنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر  کان مغوي جلد بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.