سکر( رپورٽر) وزير داخل سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ پريا ڪماري جي وارثن ۽ هندو پنچائت سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران وزير داخلا سنڌ پريا ڪماري جي وارثن ۽ هندو پنچائت کي يقين ڏياريندي چيو ته آءُ اوهان کي انصاف جي فراهمي جو يقين ڏياريان ٿو، معصوم نينگري جي لاپتا ٿيڻ واري واقعي تي دلي صدمو آهي ۽ اسان توهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، پريا ڪماري واري ڪيس ۾ پوليس کي سخت هدايتون جاري ڪيون آهن تمام جلد ملوث جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو، ڇوته شهرين کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ ئي اسان جو مقصد ۽ هدف آهي.