ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ فوج گهرائڻ جو اشارو، اسٽريٽ ڪرائم ۾ غير قانوني پرڏيهي ملوث آهي: سنڌ سرڪار

ڪراچي(رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) سنڌ جي سينئر  منسٽر  ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ نگران حڪومت دوران جيڪا صورتحال پيدا ٿي  اُن کي بھتر ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ صورتحال  اڳي کان بھتر آھي، گھرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ ڪچي جي علائقي ۾ موجود آھن، گذريل 15 ڏينھن  دوران 13 مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آھي، گھوٽڪي ۾ ٻن، ڪشمور ۾ 8 ۽ شڪارپور ۾ ٽن مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آھي، ڇھن ماڻھن کي ھني ٽريپ ذريعي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش پوليس بروقت ڪارروائي ڪري ناڪام بڻائي ڇڏي آھي، پوليس ۽  رينجرز طرفان ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن جاري آھي ۽ صورتحال ڪافي بھتر ٿي وئي آھي.  آرڪائيوز ڪامپليڪس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ھن وقت به ٽارگيٽڊ آپريشن جاري آھي، امن امان جي صورتحال ۾ ڪافي حد تائين بھتري آھي، اسٽريٽ ڪرائيم کي ڪنٽرول ڪرڻ جون ڪوششون جاري آھن، اپريل جي شروعاتي 15 ڏينھن ۾ ڪراچي پوليس ھٿان  مقابلن ۾ 11 اسٽريٽ ڪرمنل ماريا ويا، جڏھن تھ 60 زخمي ٿيا، مجموعي طور تي 104 اسٽريٽ ڪرمنلز کي گرفتار ڪيو ويو، گاڏين جي چورين ۾ ملوث 85 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، مختلف جوابدارن وٽان 246 پسٽل، ھڪ رائيفل، 2 شارٽ گن، 2 دستي بم ھٿ آيا آھن، اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف گذريل ھڪ ھفتي ۾ پوليس جي ڪاررواين ۾ 6 اسٽريٽ ڪرمنل ماريا ويا، 33 زخمي ٿيا ۽ ڪُل 59 اسٽريٽ ڪرمنلز کي گرفتار ڪيو ويو، ڪراچي ويسٽ پوليس اسٽريٽ ڪرائين جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث راجا گينگ جي ستن جوابدارن کي گرفتار ڪري گينگ جو خاتمو آندو آھي، اھڙي ريت ڪراچي سينٽرل پوليس اسٽريٽ ڪرائم جي 8 وارداتن ۾ ملوث ٽن اسٽريٽ ڪرمنلز کي پڪڙيو آھي، ڪياماڙي پوليس مقابلي بعد 6 اسٽريٽ ڪرمنلز کي گرفتار ڪيو جيڪي اسٽريٽ ڪرائيم جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث ھُئا. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ غير قانوني ترسيل ماڻھو وڏو مسئلو ۽ چيلنج آھن، ڪيترين ئي وارداتن ۾ غير قانوني وطن تياڳيندڙ ملوث مليا آھن، اسان وڏي سنجيدگي سان صورتحال کي بھتر ڪرڻ ۾ لڳل آھيون، نئون گھرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ ذاتي طور تي معاملن کي ڏسي رھيا آھن، سنڌ سرڪار امن امان جي معاملي ۾ تمام گھڻي سنجيدھ رھي آھي ۽ سنڌ جي وڏي وزير  پھريون اجلاس بھ امن امان جي حوالي سان ڪوٺايو ھو.  شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ منشيات جو مسئلو پوري پاڪستان م آھي، ٻي منشيات جيان ڪرسٽل ۽ آئس بھ انتھائي خطرناڪ آھن، اھي سوچڻ جي صلاحيت کي ختم ڪري ڇڏيندا آھن، ڪرسٽل استعمال ڪرڻ واري جي ھٿ ۾ ھٿيار ھوندو تھ ھُو اھو ڪونھ ڏسندو تھ سندس سامھون ڪير آھي، ڪرسٽل واپرائڻ وارا والدين کي بھ نشانو بڻائي چُڪا آھن، نارڪوٽڪس جي لعنت  کان صوبي کي پاڪ ڪيو ويندو ۽ اُن معاملي ۾ اسان جي پاليسي زيرو ٽالرنس واري آھي، سنڌ پوليس بھ ايڪسائز پوليس سان ڀرپور سھڪار ڪري رھي آھي، آئون والدين کي بھ گذارش ڪندس تھ اُھي پنھنجن ٻارن تي نظر رکن. ھن چيو تھ عيد دوران حيدرآباد ۾ ٻن گينگز  سان مقابلي ۾ ٻھ گينگسٽر ماريا ويا آھن، ايڪسائز پوليس گذريل مھيني کان ھن وقت تائين 49 ڪارروايون ڪيون، جن ۾ 47 منشيات فروشن، ڪچي شراب ٺاھڻ ۽ وڪرو ڪرڻ وارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي.. آمريڪي شهرن آڪلينڊ، نيو اورلينس، شڪاگو، فلاڊيلفيا، ائٽلانٽا، هوسٽن، سان فرانسسڪو، واشنگٽن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي صورتحال ڪراچي کان به بدتر آهي. فرانس جي راڄڌاني پيرس ۾ به ڪرائم انڊيڪس موجب اسٽريٽ ڪرائم جي صورتحال ڪراچي کان به وڌيڪ خراب آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.