ايراني صدر جيش العدل جي خاتمي جو پروگرام کڻي اچي رهيو آهي:جاويد چوڌري

اسلام آباد( م ڊ) ايران جو صدر ابراھيم رئيسي 22 اپريل تي پاڪستان جو دوري تي اچي رھيو آھي.جنھن ۾ ھو پاڪستان سان  اھم معاملن،  جنھن ۾ جيش العدل خلاف ڪارراوئي ڪرڻ ۽  ان کي ختم ڪرڻ بابت ھڪ پروجيڪٽ کڻي اچي رھيو آھي. ھو پاڪستان سان سرحدن جي معاملن ۽ بارڊر مارڪيٽن کي واڌ ڏيڻ بابت به ڳالھيون ڪندو.اھو سمجھيو ٿو وڃي ته جيش العدل پاڪستان مان پنھنجي ڪارروائي ڪري ٿو.ايراني صدر پاڪستان سان معاملا بھتر ڪرڻ چاھي ٿو، جئين ان پاسي کان ھو بي فڪر ٿي وڃي. صحافي جاويد چوڌري موجب سندس معلومات موجب پاڪستان ايران کي بھتر موٽ ڏيندو.جنھن سان معاملا درست رخ ۾ اڳتي وڌڻ جي توقع آھي.ايران پاڪستان سان اسرائيل جي امڪاني حملي ۽ پاڪستان جي اولھ جي ملڪن جي پاسي نه کڻڻ تي ڳالھيون ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.