سعودي عرب کي پي آءِ اي، هوائي اڏن ۽ فائيو اسٽار هوٽلن جي نجڪاريءَ ۾ گڏيل سيڙپڪاريءَ جي آڇ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): پاڪستان سعودي عرب کي پي آءِ اي ۽ ايئرپورٽس جي نجڪاريءَ ۾ گڏيل سيڙپڪاريءَ جي آڇ ڪئي آھي. ايس آءِ ايف سي جي اپيڪس ڪميٽي سعودي عرب کي اسلام آباد ۾ 2 فائيو اسٽار هوٽلن جي نجڪاري ۾ گڏيل منصوبي جي به آڇ ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن  ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران سعودي وفد ايپڪس ڪميٽي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير به خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايس آءِ ايف سي ايپڪس ڪميٽي سعودي وفد کي سيڙپڪاري جي منصوبن تي بريفنگ ڏني. ذريعن موجب اجلاس ۾ سعودي وفد کي پي آءِ اي ۽ ايئرپورٽس کان علاوه اسلام آباد ۾ 2 فائيو اسٽار هوٽلن جي نجڪاريءَ ۾ جوائنٽ وينچر جي به آڇ ڪئي وئي. هوٽلن لاءِ زمين سي ڊي اي جي ملڪيت هوندي، جڏهن ته سيڙپڪاري سعودي حڪومت ڪندي. ذريعن موجب وفد کي تجويز ڏني وئي ته سعودي حڪومت هوٽل پاڻ ٺاهي ۽ هلائي، جڏهن ته ملاقات ۾ وفد کي مٽياري ٽرانسميشن لائين ۽ فرسٽ وومين بئنڪ جي به آڇ ڪئي وئي. سعودي وفد اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل قائم ڪرڻ جي آجيان ڪئي. ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ڀائريءَ وارن لاڳاپن کي مضبوط پارٽنرشپ ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ بهترين موقعا فراهم ڪندو، پاڪستان وٽ سون، ٽرامي ۽ ٻين قيمتي معدنيات جا ذخيرا موجود آهن. مائننگ سيڪٽر جو مڪمل استعمال ناهي ڪيو ويو. ايس آءِ ايف سي پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي به آسان بڻائيندو. هن چيو ته پاڪستان ايس آءِ ايف جي پليٽ فارم ذريعي سيڙپڪاري وڌائڻ چاهي ٿو، پاڪستان سيڙپڪاري جو مرڪز بڻجڻ چاهي ٿو، سعودي وفد آءِ ٽي، معدنيات، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ پاڪستان سعودي سيڙپڪارن کي مڪمل تحفظ ۽ سهڪار فراهم ڪندو. ان موقعي تي سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان چيو ته اسان جو دورو وزيراعظم ۽ سعودي ولي عهد وچ ۾ ملاقات جو نتيجو آهي. پاڪستان سعودي عرب کي پي آءِ اي ۽ ايئرپورٽس جي پرائيويٽائيزيشن ۾ گڏيل منصوبي جي آڇ ڪئي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جا موقعا موجود آهن، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ اهم ڪم ڪيو ويندو، خطي جي اقتصادي ترقي ۽ سلامتي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. سعودي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي، هو ان تي عمل ڪندا، پاڪستان جي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا، اسان کي سيڙپڪاريءَ بابت نئين طريقو پسند آهي، جنهن اسان کي اعتماد ڏنو. ان حوالي سان اسحاق ڊار چيو ته اسان قانون سازي ذريعي ايس آءِ ايف سي قائم ڪيو آهي، اهو ون ونڊو آپريشن آهي ۽ اسان وٽ 9 ارب ڊالرن جو سيڙپڪاري وارو پورٽ فوليو آهي، اسان ان کي آءِ ايف سي ذريعي وڌائڻ چاهيون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.