ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گم ٿيل شهري سمير آفريدي جي بازيابي بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي .عدالت سنڌ جي گهرو سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتوآهي .عدالت لاڳاپيل ڊي آءِ جي جاچ کي به طلب ڪري ورتوآهي .عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري کان به رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته جڏهن ته جبري گمشدگي بابت طئي ٿي ويو آهي ته ٻڌايو وڃي اهو شخص ڪهڙي اداري وٽ آهي.گم ٿيل شهري جي پوڙهي ماءُ عدالت ۾ روئيندي پوڙهي ماءُ فرياد ڪندي چيو ته جيڪڏهن انصاف نه ٿا ڪري سگهو ۽ سچ سامهون نه ٿا آڻي سگهو ته پوءِ عدالتون بند ڪريو. مان پنهنجي پٽ جي بازيابي لاءِ عدالتن جا چڪر لڳائي رهي آهيان منهنجي هڪ ٽنگ به ڪٽجي وئي آهي، ماءُ جو چوڻ آهي ته پٽ جي گم ٿيڻ جي ڪري زنده هوندي به پٽ جا ٻار يتيم ٿي ويا آهن، سرڪاري وڪيل جو چوڻ آهي ته سمير آفريدي کي جبري گم ڪيو ويو آهي جي آءِ ٽي ۽ ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ طئي ٿي ويو آهي، جسٽس نعمت الله نعمت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اسان جون همدرديون توهان سان گڏ آهن، عدالت توهان جي پٽ جي بازيابي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته جاچ آفيسر ڪٿي آهي ؟ پبلڪ پراسيڪيوٽر چيو ته جاچ ڪندڙ ايس پي ميٽنگ ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد ويو آهي، گهرو کاتي جي فوڪل پرسن چيو ته خاندانن جي مالي مدد لاءِ وڏي وزير کي سمري موڪلي ڇڏي آهي. جسٽس خادم حسين تنيو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته انهن ڳالهين جو ذڪر نه ڪريو، جن جو وجود ئي ناهي.هڪ جاچ آفيسر کي بچائڻ لاءِ ڪيترا ماڻهو هتي بيٺا آهيو. جسٽس خادم حسين تنيو وڌيڪ چيو ته حڪومت کان پگهارون وٺي سڀ رڳو جاچ آفيسر کي بچائڻ ۾ مصروف آهيو.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي .