سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران پي ٽي آءِ جي جلسي معاملي کي هڪ هفتي اندر حل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پي ٽي آءِ کي جلسي جي  اجازت واروڪيس جي ٻڌڻي ڪئي .عدالت حليم عادل شيخ عدالت ۾ وڪيلن سان گڏ پهچي ويو. چيف جسٽس سوال ڪيو ته توهان جلسو ڪڏهن ڪرڻ چاهيو ٿا؟حليم عادل شيخ جي وڪيل چيو ته اسان 28 اپريل تي ڪراچي ۾ جلسو ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن جي اجازت نٿي ڏني وڃي .اسان لاڳاپيل ڊي سي ۽ انتظاميه کي درخواستون به ڏنيون آهن پر اجازت  نه پئي ملي. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته  انتظاميا کي ڪهڙو اعتراض آهي. سرڪاري وڪيل چيو ته اسان معاملي کي ڏسي رهيا آهيون ۽ اجازت جي حوالي سان رابطي ۾ آهيون. عدالت اوڀر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کي هڪ هفتي اندر معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي .عدالت چيو آهي ته عدالت کي اجازت ڏيڻ يا نه ڏيڻ  بابت آگاهه ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.