تهران(م ڊ) ايراني حملن ۾ اسرائيل جي ڏکڻ ۾ نجف ريگستان ۾ سڀ کان وڏي فوجي اڏي، نيو اتيم ايئر بيس کي نقصان پهچائڻ ۾ مدد ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب 5 ايراني ميزائلن نيو اتيم ايئربيس جي 3 رن ويز کي نقصان پهچايو آهي. نيواتيم ايئربيس اسرائيل جو سڀ کان وڏو فوجي اڏو آهي، اسرائيل هن ايئربيس کي نقصان پهچڻ جو اعتراف ڪندي تصويرون ۽ وڊيوز جاري ڪيون آهن.حملن جي حوالي سان ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيلي بيس کي نشانو بڻايو ويو جتان دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي حملو ڪيو ويو. ايران 50 سيڪڙو هدفن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جڏهن ته اسرائيل ايراني حملن کي ناڪام قرار ڏئي ڇڏيو آهي.