ايران جو حملو، اتحادين پاران اسرائيل کي صبر جي اپيل

لنڊن ( م ڊ ) اسرائيل ايران جي حملي کانپوءِ جوابي حملي لاءِ غور ويچار شروع ڪري ڇڏي، اتحادين پاران اسرائيل کي صبر جي اپيل ڪئي وئي آهي، ايران پاران ٻيهر  اسرائيل جي حملي ٿيڻ جي صورت ۾ ان کان به وڌيڪ نموني جواب ڏيڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. آمريڪا ايران کي جوابي ڪارروائي جي صورت ۾ اسرائيل جو ساٿ نه ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،واضح رهي ته هڪ اپريل تي اسرائيل پاران دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي حملو ڪيو ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ايراني ڪمانڊر سميت 7 سفارتڪار شهيد ٿي ويا هئا، جنهن کانپوءِ ايران پاران 3 ڏينهن اڳ اسرائيل مٿان حملو ڪيو ويو، ايران جي حملي کانپوءِ هن وقت ٻنهي ملڪن ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.