ايراني حملن ۾ وڏي فوجي اڏي کي نقصان، اسرائيل وڊيو جاري ڪري ڇڏيون

تهران(م ڊ) ايراني حملن ۾  اسرائيل جي ڏکڻ ۾ نجف ريگستان ۾ سڀ کان وڏي فوجي اڏي، نيو اتيم ايئر بيس کي نقصان پهچائڻ ۾ مدد ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب 5 ايراني ميزائلن نيو اتيم ايئربيس جي 3 رن ويز کي نقصان پهچايو آهي. نيواتيم ايئربيس اسرائيل جو سڀ کان وڏو فوجي اڏو آهي، اسرائيل هن ايئربيس کي نقصان پهچڻ جو اعتراف ڪندي تصويرون ۽ وڊيوز جاري ڪيون آهن.حملن جي حوالي سان ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيلي بيس کي نشانو بڻايو ويو جتان دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي حملو ڪيو ويو.  ايران 50 سيڪڙو هدفن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جڏهن ته اسرائيل ايراني حملن کي ناڪام قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.