ايران ۾ اسلامي حڪومت ختم ٿيڻ واري،فوج ايندي؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ممتاز وي لاگر طاهر گورا چيو آھي ته ايران پاران اسرائيل تي حملي بعد ايراني انقلاب بعد ملڪ مان ڀڄي مختلف يورپي ملڪن ۾ پناهه حاصل ڪندڙ ايراني پناهگيرن اسرائيل ۽ ملان انقلاب کان اڳ وارا ايراني ۽ اسرائيلي جهنڊا کڻي ٻاهر روڊن تي نڪري احتجاج شروع ڪيا آھن پر ان سان گڏ ايران جي مذھبي حڪمرانن جي خلاف نعريبازي ڪئي آھي،هنن ايرانين ٽوئيٽر تي اهو ٽرينڊ به هلايو آھي ته ”اسين اسرائيل سان گڏ آھيون“، هن چيو ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پنجانوي سيڪڙو ايراني ملن جي حڪومت جا مخالف آھن، سندن خيال آھي ته سندن چوڌاري ملڪن ۾ رهندڙ يمني، اردني، عراقي توڙي عرب جاهل ۽ ڪورا ڄٽ آھن طاهر گورا چيو ته پاڪستاني وي لاگر ايران کي مڙس ماڻھون ڪري پيش ڪن ٿا جيڪو غلط آھي، فلسطيني حماس جي ڪري مار کائي رهيا آھن، طاهر گورا چيو ته هاڻي سعودي، قطري، لبناني ۽ ايراني ماڊرن رستي هلڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيا آھن ۽ ايران ۾ ملان حڪومت ڪنهن به وقت ڊھي پٽ پوندي

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، اڱارو 16 اپريل 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.