عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ معمولي لاٿ

واشنگٽن ( م ڊ ) ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب برينٽ خام تيل جي قيمت 81 سينٽ جي گهٽتائي کانپوءِ 89.64 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي.ڊبليو ٽي آءِ جي قيمت 69 سينٽ گهٽتائي کانپوءِ 84.97 ڊالر في بيرل جي سطح تي آهي. گذريل هفتي، ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب تيل جون قيمتون آڪٽوبر 2023 کان پنهنجي بلند ترين سطح تي پهچي ويون، پر قيمتون هاڻي گهٽجي رهيون آهن. تجزيه نگارن جو اندازو آهي ته جيڪڏهن ايران-اسرائيل تڪرار برقرار رهيو ته ڪچي تيل جي قيمت 100 ڊالر في بيرل تائين وڌي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.