پرڏيهي وزارت کان اسحاق ڊارلاتعلق،اسٽيبلشمينٽ ناراض،بلاول کي عهدو ڏيڻ جي تجويز

لاهور(معظم فخر)پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي پرڏيهي وزارت ۾عدم دلچسپي اسٽيبلشمينٽ سان گڏ وزيراعظم شهبازشريف لاءِ به پريشاني جو سبب بڻجي وئي آهي،اسحاق ڊار جي پرڏيهي معاملن ۾ ڪا به مداخلت نه آهي نه ئي هن جي ان شعبي ۾ ڪا دلچسپي آهي،هن جي اها ڪوشش ضرور آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان کيس اقتصادي ۽ ناڻي وارن معاملن تي نگران بڻايو وڃي جنهن ۾ هو مهارت جو ثبوت ڏئي سگهي، اسٽيبلشمينٽ اڳ ۾ ئي اسحاق ڊار مان خوش نه هئي ۽ هاڻي ته مٿس وڌيڪ ڪاوڙيل به آهي، ان حوالي سان اسحاق ڊار بابت اسٽيبلشمينٽ پاران وزيراعظم شهبازشريف کي هڪ وارننگ به ڏني وئي آهي،ايران اسرائيل تڪرار جي سلسلي ۾ اسحاق ڊار نه رڳو رات کان وٺي ڏينهن تائين لاتعلق بڻيل رهيو بلڪه هو پرڏيهي وزارت به نه پهتو نه ئي ان حوالي سان هن ڪنهن اجلاس جي صدارت ڪئي نه ئي ايران سميت ڪنهن برادر ملڪ سان رابطو ڪيو، ڇڪتاڻ جي گهٽتائي جي حوالي سان هن پاران ڪا تجويز سامهون اچي سگهي نه ئي رابطن جي حوالي سان پرڏيهي وزارت پاران حڪومت توڙي اسٽيبلشمينٽ کي ڪا بريفنگ ڏني وئي،جيوگرافي سطح تي پاڪستان خطي ۾ اهميت رکي ٿو هاڻي پاڪستان لاءِ به سنگين صورتحال ٿي وئي آهي،پرڏيهي وزارت پنهنجي سفارتي چئنلن ذريعي ان صورتحال ۾ بيان تيار ڪيو ۽ پرڏيهي وزير جي غيرموجودگي ۾ وزيراعظم کان ان بيان جي منظوري ورتي،اسٽيبلشمينٽ کي به آگاهه ڪيو ويو ته ان بيان جي تياري ۾ پرڏيهي وزير جو ڪو به ڪردار ناهي هن دنيا جي ڪنهن به ملڪ سان رابطو ناهي ڪيو،اسٽيبلشمينٽ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو آهي ته اسحاق ڊار پرڏيهي وزارت  وٺڻ ۾ ڪا دلچسپي ئي نه پئي ورتي ته پوءِ بهتر ٿيندو ته ان اهم صورتحال ۾ هڪ فعال پرڏيهي وزير جي ضرورت هوندي، مجبوري تحت اسحاق ڊار کي ڪابينا ۾ شامل رکڻو آهي ته کيس ڪا ٻي وزارت ڏئي ڇڏيو، جنهن تي وزيراعظم شهبازشريف اسٽيبلشمينٽ جي ماڻهن کي آگاهه ڪيو ته ماضي ۾ بلاول ڀٽو زرداري ڪم ڪري رهيو هو ته هن جي ڪارڪردگي کي سڄي دنيا ساراهيو هو، بهتر ٿيندو ته اسحاق ڊار کي جيڪڏهن عهدي تان هٽائڻو آهي ته پوءِ بلاول ڀٽو کي پرڏيهي وزير بڻايو وڃي ان سلسلي ۾ صدر آصف علي زرداري سان رابطو ڪري کيس بلاول کي پرڏيهي وزير بڻائڻ لاءِ راضي ڪيو وڃي،جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي فعال پرڏيهي وزير جي ڪمي ختم ٿي ويندي ۽ پاڪستان جا پرڏيهي معاملا به بهتر ٿي ويندا، ان جو مطلب اهو آهي ته وزيراعظم کي اندازو آهي ته پرڏيهي معاملن ۾ بلاول ڀٽو جيڪي ڪاميابيون ماڻيون هيون انهن کي دنيا ۾ اڃا تائين ساراهيو پيو وڃي،ٻئي پاسي معيشت جي بهتري لاءِ هر قدم کي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.