صدر زرداريءَ جي خطاب لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 18 اپريل تي طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 18 اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي. ٻنهي ايوانن جو گڏيل  اجلاس خميس ڏينهن شام جو 4 وڳي طلب ڪيو ويو آهي، اجلاس کي صدر آصف علي زرداري خطاب ڪندو. صدر مملڪت آئين جي آرٽيڪل 54 (1) ۽ 56 (3) تحت پارليامنٽ جو گڏيل اجلاس سڏائڻ جي منظوري ڏني. واضح رهي ته ان کان اڳ پارليامنٽ جو گڏيل اجلاس 16 اپريل تي طلب ڪيو ويو هو، هاڻي اهو نوٽيفڪيشن ملتوي ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.