سکر مان 2 ڄڻا اغوا، ضلعي ۾ مغوين جو انگ 6 ٿي ويو، سوين ڳوٺاڻا ڪچي ۾ لهي پيا

سکر(رپورٽ:آزاد مهر)سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد   مان کوسا برادري جا 2 ڄڻا مبينا طور اغوا، اطلاع تي کوسا برادري جي ماڻھن پوليس جي مدد سان ڳولا شروع ڪري ڇڏي، پيرا ڪچي طرف گم۔ خبر موجب سکر جي  سائيٽ ايريا  ٿاڻي جي حد کوسا ڳوٺ جي رهواسي اقبال کوسو ۽ رضوان کوسو کي  اڻڄاتل هٿياربند سائيٽ جي علائقي سبزي منڊي رنگ روڊ وٽان گذريل رات اغوا ڪري کڻي ويا اطلاع ملڻ تي کوسا برادري جا ماڻھون هٿيار کڻي پوليس جي مدد سان ڳولا شروع ڪئي هٿياربندن ۽ مغوين جا پيراکنيا جيڪي سکر جي ڪچي طرف ويا جنهن بعد علائقي جي ٻين ڳوٺن جا سوين ماڻھو گڏ ٿي ويا ۽ مغوين جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي، آخري اطلاعن تائين مغوين جو ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو، مغوين جي وارثن موجب رات دير سان ڪڻڪ کڻي ايندڙن جي گاڏي جو ٽائر رنگ روڊ وٽ پنڪچر ٿيو هو، 26ورهين جي رضوان ۽ 50 ورهين جي اقبال کوسو فون ڪري گاڏي پنڪچر ٿيڻ جو ٻڌايو، سهڻو کوسو موجب اسان جي پهچڻ کان اڳ جتوئي ڌر جا هٿياربند ٻنهي ڄڻن کي اغوا  ڪري کڻي ويا، مغوين ۾ ڪامران، پيارو رياستي، ڪراچي واسي رمضان رياستي، هيڊ ڪانسٽيبل منظور مشوري جو پٽ شفيق به شامل آهن، جڏهن ته سکر ضلعي مان اغوا ٿي ويلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو، پوليس مغوين جي آزادي لاءِ ڪي به قدم کنيا، مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.