ميرپورخاص ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس ڪاوڙ ۾ اچي زال ماري وڌي

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص ۾ گھريلو ناچاڪي تان مڙس ڪاوڙجي زال کي ڇريون هڻي قتل ڪري فرار، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، ميرپورخاص جي علائقي بخاري ٽائون ۾ وحشي صفت  مڙس ياسين راجپوت پنهنجي زال ۽ چئن ٻارن جي ماءُ رخسانا راجپوت کي گھرو اڻبڻت تان ڪاوڙ ۾ اچي ڇريون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي عورت کي علاج لاءِ سول اسپتال ميرپورخاص نيو پي ويو ته عورت زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، محمود آباد ٿاڻي جي پوليس سول اسپتال ميرپورخاص پهچي لاش قانوني ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو، ذريعن موجب پوليس زال کي ڇريون هڻي قتل ڪندڙ وحشي جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بعد اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري جاچ ڪري رهي آهي، محمود ٿاڻي جي ايس ايڇ او شاهه بخش لنجواڻي ٻڌايو ته مڙس پاران زال کي قتل ڪرڻ جي اطلاع ملڻ تي سول اسپتال مان لاش کي قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو آهي وارثن ۽ علائقي مان حاصل ڪيل شروعاتي معلومات موجب مڙس ۽ زال جو پاڻ ۾ اڪثر جھيڙو رهندو هو فجر مهل مڙس زال کي سڏ ڪري ڪمري ۾ گھرائي کيس بيدردي سان ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري  فرار ٿي ويو، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون جلد جوابدار کي گرفتار ڪري وٺنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.