نوجوانن کي مفت ڪورس ڪرائي سنڌ کي آءِ ٽي حب ٺاهينداسين:گورنر سنڌ

ڪراچي ( رپورٽر ) گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته هو سڄي سنڌ کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جو مرڪز بڻائي دنيا ۾ مثال قائم ڪندا، ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو ته حيدرآباد جي شهرين کي جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جا ڪورس مفت ڪرڻ گهرجن، نوجوانن کي جديد شعبي ۾ اچڻ گهرجي ۽ اهو ئي موقعو آهي ته  ڪلائوڊ اپلائيڊ جنريٽو آرٽيفيشل انٽيليجنس انجنيئر ٿيڻ گهرجي. ڪامران ٽيسوري چيو ته ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد ۾ به مفت آءِ ٽي ڪورس ڪرايو پيو وڃي ۽ ان لاءِ داخلائون جاري آهن، هراميدوار کي مفت آءِ ٽي ڪورس ڪرايو ويندو،ڪورس کانپوءِ انهن کي جنريٽو اي آءِ انجنيئرنگ جا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا. سنڌ جي گورنر چيو ته هو چاهين ٿا ته نوجوانن کي جديد تعليم جي هٿيار سان آراسته ڪيو وڃي ته جيئن هو نه رڳو پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جو پر ملڪ جو به مستقبل روشن ڪن. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو هن شعبي کي پوري ڌيان سان سمجهي ته اهڙو انجنيئر گهر ۾ ويهي 15 کان 20 لک رپيا ماهوار آساني سان ڪمائي سگهي ٿو ۽ ان سان ملڪ کي زبردست پرڏيهي مٽاسٽا پڻ ملندي . ڪامران ٽيسوري چيو ته ڪراچي ۾ 50 هزار نوجوان آن سائٽ آءِ ٽي ڪورس ڪري رهيا آهن جڏهن ته 4 لک 50 هزار آن لائين ڪورس ڪري رهيا آهن. انهن مان ڪيترائي شاگرد آهن جن ٽئين مهيني کان ئي 200 کان 500 ڊالر ڪمائڻ شروع ڪيا آهن، هن چيو ته هي دور انفارميشن ٽيڪنالاجي جو دور آهي، ان ڪري هو ڪوشش ڪري رهيا آهن ته قوم ان شعبي ۾ پوئتي نه رهي.آءِ ٽي ڪورسز جو اهو سلسلو ڪراچي ۽ حيدرآباد کان پوءِ سکر سميت سنڌ جي ٻين شهرن تائين وڌايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.