ڪراچي(رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ نابالغ ڇوڪريءَ جي مبينا اغوا کانپوءِ شادي ۽ شيلٽر هوم ۾ مبينا مڙس ۽ سس سهري سان ملاقات ڪرائڻ واري ڪيس جي سنڌ چائلڊ ريسٽرين ميريج ايڪٽ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، سنڌ حڪومت پاران جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري وئي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت درخواست جي ٻڌڻي 14 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ چائلڊ ميريج ايڪٽ موجب مبينا مڙس يا سس سهرو متاثر ڇوڪريءَ سان ملاقات ڪري سگهن ٿا، وڪيل جبران ناصر چيو ته متاثر ڇوڪريءَ سان جوابدار جنهن کيس اغوا ڪري زبردستي شادي ڪئي ان سان ملاقات ڪرائي ٿي وڃي، درخواستگذار جي وڪيل جبران ناصر چيو ته قانون ۾ به واضح آهي ته ننڍي عمر جي شادي ڪرڻ پاڻ هڪ ڏوهه آهي، اهڙي صورتحال ۾ جوابدار جو نابالغ ڇوڪري سان بار بار ملڻ هراسان ڪرڻ جي برابر آهي، درخواستگذار چيو ته اهڙي ڪيسن ۾ جيڪي ڇوڪريون پناهه گهرن ۾ آهن انهن کي جوابدارن سان ملاقات نه ڪرڻ ڏني وڃي.