حماس پاران ايراني حملن جي آجيان

بيت المقدس(م ڊ)فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس ايران جي اسرائيل تي حملي کي شام جي راڄڌاني دمشق ۾ سفارتخاني کي نشانو بڻائڻ  جي ڏوهه جو مناسب جواب قرار ڏنو آهي.حماس ايراني حملي کي فطري حق قرار ڏيندي چيو ته ايران جو حملو دمشق ۾ ايراني سفارتخاني کي نشانو بڻائڻ جي ڏوهه جو ڀرپور جواب آهي.حماس عرب ۽ خطي جي ٻين مسلمانن ۽ مزاحمتي قوتن کي اپيل ڪئي ته هو مسجد اقصيٰ جي آزاديءَ لاءِ آپريشن طوفان الاقصيٰ جي حمايت جاري رکن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.