ادارن سان گڏجي برسات جي صورتحال کي منهن ڏينداسين: وڏو وزير

ڀان سيدآباد/سيوھڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ/ خادم عرف آدم مينگل) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مرحوم سيد عبد الله شاهه لڪياري جي 17ھين رسي ڳوٺ واھڙ ۾ ملھائي وئي، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ڪراچي کان روڊ رستي سيوھڻ ڀرسان پنهنجي ڳوٺ واھڙ پھچي پنهنجي والد مرحوم سيد عبدالله شاهه جي قبر تي حاضري ڀري چادر چاڙھي ۽ فاتحا خواني ڪئي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته مون وٽ سنڌ جي عوام ۽ تڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو جذبو آهي، ھر ڀيري عوام جي خدمت ڪئي آهي جنهن ڪري عوام مون کي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو، منڇر ڍنڍ جي بحالي لاءَ ڪو فزيبل منصوبو جوڙي ان تي عمل ڪرائينداسين.، وڏي وزير مراد علي شاهه  وڌيڪ چيو ته  عمران خان کي جيڪا طاقت ۽ حمايت حاصل هئي ان جو آئون پاڻ گواهه آهيان، کيس هر هڪ جي حمايت حاصل هئي ۽ ايتري حمايت باوجود هو ملڪ لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهيو ٻيو ئي ملڪ کي بحرانن ڏانهن ڌڪي ڇڏيو، عمران خان واحد وزيراعظم آهي، جنهن کي جمهوري طريقي سان بي اعتماديءَ ذريعي هٽايو ويو، عمران جي سياسي فهم جي ته سڀني کي خبر آهي، ماڻهن ۾ ضرور ٿوري گهڻي حمايت مظلوميت جي ڪري آهي، مظلوميت جي ڪري ماڻهو ساٿ ڏيندا آهن پر عمران خان تي جيڪي به ڪيس آهن، اهو سائفر جو ڪيس هجي يا باقي ڪيس جيڪي به مٿس آهن، انهن ۾ هو اعتراف ڪري چڪو آهي، توشا خانه ڪيس ۾ هو پاڻ پنهنجي مٿان گواهه آهي هُن گهڙي وڪرو ڪئي آهي، اهڙي شخص لاءِ آئون ڇا چوان جيڪو پنهنجي لاءِ پاڻ مشڪلاتون پيدا ڪري ٿو، ايتري سهولت ۽ پٺڀرائيءَ باوجود ڪجهه مهينن نه پر ڪجهه هفتن ۾ سموريون حمايتون وڃائي ويهي ٿو، آئون به ٻڌان پيو ته عمران جلد آزاد ٿيندو، عدالتون کليل آهن، هر ڪنهن کي حق آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي رليف ملي ٿو ته صحيح آهي، اپوزيشن جماعتن پاران تحريڪ تحفظِ آئين هلائڻ بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اپوزيشن جماعتون تازو اليڪشن وڙهيون هيون، انهن زور آزمائي ڪئي هئي، اتحاد ٺاهڻ ۽ پنهنجو نقطه نظر پيش ڪرڻ جو سڀني کي حق آهي، فيصلو عوام ڪندو ته ان جي نمائندگي ڪير ڪري، منڇر ڍنڍ جي بحاليءَ متعلق سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته منڇر جي بحاليءَ لاءِ ڪو اهڙو فزيبل پلان ملي، جنهن مان لڳي ته منڇر جو ڪو فائدو ٿيندو ته ان پلان تي عمل ڪنداسين، برساتن جي حوالي سان بلديات سميت سمورن لاڳاپيل کاتن کي الرٽ ڪيو ويو آهي ته جيئن عوام کي تڪليف نه پهچي،اڳوڻو ايم اين اي سڪندر علي راهپوٽو، سيد حاجن شاهه، سيد محمد شاھ سيد آصف شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ ساڻس گڏ هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.