سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ برسات جو سلسلو،ڪيترائي گهر ڊهي پٽ، فصلن کي ڪاپاري ڌڪ

ڪراچي /حيدرآباد/سکر (نمائندا+م ڊ ) سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي،ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا،  فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ سبب آبادگارن کي نقصان جو انديشو آهي، پنجاب جي شهرن رحيم يار خان، بهاول نگر، بهاول پور ۽ لوڌران سميت ٻين شهرن ۾ تيز برسات سبب  هيٺياهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته  بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ به برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا ۽ هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهڻ سبب رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا، ڪراچي جي مختلف علائقن صدر، ڪلفٽن، قيوم آباد، اختر ڪالوني، ملير، گلستان جوهر، گلشن اقبال، محمود آباد، ايئرپورٽ روڊ، اعظم ٽائون، لائنز ايريا، ڀٽائي آباد، ڪورنگي، لياري، گارڊن ۽ ٻين علائقن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار بڻجي وئي، لاڙڪاڻو،دادو، ميرپورخاص، حيدرآباد سميت  ٻين شهرن ۾ به وسڪاري سبب ڪڻڪ جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ جو خدشو آهي. بلوچستان جي شهر حب ۽ ان جي آس پاس ۾ برسات پئي. پرنسز آف هوپ وٽ هڪ متبادل رستو وهي ويو ، گوادر-ڪراچي ڪوسٽل هاءِ وي تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ڪوسٽل هاءِ وي جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. موسميات کاتي موجب اسلام آباد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. خيبرپختونخواهه ۾ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. مري، گليات، راولپنڊي ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پوڻ جو امڪان آهي. بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. برسات سبب مقامي درياهن ۾ ٻوڏ اچڻ جو خدشو آهي. موسميات کاتي موجب ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ياد رهي ته گذريل ٻن ڏينهن دوران برسات سبب ملڪ اندر 24 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.