ترقي جي نالي تي ملير جون زمينون کسڻ نه ڏينداسين، مزاحمت ڪئي ويندي:ساڃاهه وند

ملير (پ ر) سنڌ انڊيجينئس رائيٽس الائنس جي انتظام هيٺ ملير جي زميندارن ۽ هارين جي ويهڪ بادام باغ گبول اسٽاپ ۾ ٿي، جنهن ۾ ملير، موهيدان، کڏ جنگ، لنگهيجي، ٿڌو، ڪوٽيئڙو، درساڻو، چنو، ڏير، ڪونڪرو ۽ ڪورنگي جا زميندار به شريڪ ٿيا، ان گڏجاڻي ۾ انڊيجينئس رائيٽس ليگل ڪميٽي جي ايڊووڪيٽ ڪاظم حسين مهيسر پنهنجي ٽيم سان گڏ ملير جي ليز زمينن جي بحالي جي فارم تي زميندارن کان صحيحون ورتيون، سئو کان وڌيڪ زميندارن ليز زمينن جا فارم جمع ڪرايا، ان موقعي تي سنڌ انڊيجينئس رائيٽس الائنس جي مرڪيزي صدر خدا ڏنو شاهه به موجود هو، گڏجاڻي ۾ زميندارن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان صدين کان ملير ۾ پوکي ڪندا اچون پيا، هي زمينون اسان جي وڏن پنهنجو پگهر ڏئي آباد ڪيون، اڄ اسان کان اسان جون زمينون کسيون پيون وڃن، ملير جي زمينن تي پهريون حق اسان جو آهي، اسان پنهنجي حق جي لاءِ آخري حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهيون، اسان پنهنجي زمينن تان هٿ نٿا کڻي سگهون، ان موقعي تي سنڌ انڊيجينئس رائيٽس الائنس جي مرڪزي صدر سائين خدا ڏنو شاهه چيو ته سنڌ جي موجوده حڪمرانن جي پاليسين جي ڪري ملير جا مقامي ماڻهو اڄ بي يقيني جو شڪار آهن، سنڌ ۾ زمينن جي حوالي سان ٻٽو معيار قائم آهي، ڪراچي کي ڇڏي ڪري باقي سنڌ ۾ زميندارن کي ليز سان گڏ زمينن جا مالڪاڻا حق به ڏنا پيا وڃن ۽ ڪراچي ۾ هارين کان ليز ختم ڪري زمينون کسڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، ڊي ايڇ اي، بحريه ٽائون، ايجوڪيشن سٽي، ملير ايڪسپريس وي بعد سيٽلائيٽ ٽائون جي نالي تي پراجيڪٽ آڻي ملير جي رهيل ديهه به نيلام ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، پيپلزپارٽي جي ملير دشمن پاليسيون هتان جي مقامي ماڻهن سان گڏ وڏو ظلم آهي ۽ سنڌ انڊيجينئس رائيٽس الائنس ۽ ان کانسواءِ وڪيل ان ظلم خلاف سياسي ۽ قانوني جنگ وڙهندا، ان حوالي سان ملير جي ماڻهن کي سنڌ انڊيجينئس رائيٽس الائنس جو ساٿ ڏيڻو پوندو، هي جنگ ادارن ۽ عدالت سان گڏ سياسي ميدان ۾ به وڙهڻو پوندو ۽ جيستائين اسان متحد نه ٿينداسين تيستائين ڪامياب نه ٿينداسين، اسان کي برادري ذات مان نڪري هڪ ٿيڻو پوندو، سنڌ انڊيجينئس رائيٽس الائس جي سر رخمان گل پالاري زميندارن سان ڳالهائيندي چيو ته اوهان سڀني کي متحد ٿي ڪري ملير کي بچائڻ لاءِ جنگ وڙهڻي پوندي، هتان جا حڪمران سياسي قيادت ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ملير جي ماڻهن کي پنهنجا سمورا اختلاف هڪ طرف رکي ميدان ۾ لهڻو پوندو، سنڌ انڊيجينئس رائيٽس الائنس جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ چيو ته ملير اسان جو ابن ڏاڏن کان گهر رهيو آهي، هتان جون زمينن، ندين ۽ ورثن جي حفاظت اسان جي وڏن پنهنجو رت ڏئي ڪئي آهي، ملير ۾ موجود چوڪنڊي قبرستان ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو، ملير جي تاريخ ڪراچي شهر جي تاريخ کان به پراڻي آهي ۽ ملير جي زمينن جا مالڪ هتي هي آباد قبائلي آهن، انگريزن اچي ليز 7 سروي زمين جي نالي تي ٽيڪس ڪليڪشن جي لاءِ قانون ٺاهيا ۽ هزارين ايڪڙ زمين سرڪاري قرار ڏني جيڪا در اصل سرڪار جي ناهي، هتان جي مقامي ماڻهن جي هئي ۽ آهي، ملير ندي کي تباهه ڪيو پيو وڃي، ملير ندي سوڌو ملير جي سمورين ندين مان ريتي بجري جي چوري ڪئي پئي وڃي.. ڪري ملير جي زمينن کي بنجر بڻائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، هي سڀ ڪجهه ملير مان ملير جي مقامي ماڻهن کي بي دخل ڪرڻ جي سازش آهي، ان جي ڪري اسان کي متحد ٿي ڪري جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ انڊيجينئس رائيٽس الائنس جي پڌرائي موجب ملير جي زمينن جي بحالي ۽ مالڪاڻي حقن جي لاءِ سمورين فورمز سوڌو مقامي عدالتن سميت عالمي ادارن سان رابطو ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.