پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڪراچي ۾ آزادي ڪميٽيءَ جو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) پريا ڪماري آزادي ڪميٽيءَ طرفان معصوم نياڻي پريا لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري آھي. ڪراچي پريس ڪلب آڏو پريا ڪماري آزادي ڪميٽيءَ پاران زبردست احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھري ۾ سوين  عورتن ، نوجوانن ، معصوم ٻارڙن ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪئي ،برساتي موسم ۾ پر عزم مظاھرين پريا جي آزاديءَ لاءِ  نعرا لکيل  پينا فليڪس ھٿن ۾ کڻي سخت نعريبازي ڪري رھيا ھئا، پريا ڪماري آزادي ڪميٽيءَ جي اڳواڻ لياقت علي جلباڻي احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي چيو ته ھي ٽيون ھفتو آھي اسان پريا جي بازيابيءَ لاء ڪراچي جي روڊن تي سراپا احتجاج آھيون اھو سلسلو نياڻيءَ جي  آزادي تائين جاري رهندو، پريا ڪماري اسان سڀني جي نياڻي آھي، اسان کي پنھنجي ادارن تي مڪمل اعتماد آھي ته ھو پريا جي والدين ۽ سنڌ جي ماڻھن کي مايوس نه ڪندا. ھن چيو ته اسان پر اميد آهيون انشاءُ الله تمام جلد ھڪٻئي کي مبارڪون ڏينداسين، ڇا اسان ۾ ايتري اھليت ناھي جو اسين قوم کي امن ۽ خوشحالي ڏئي سگھون،  ان کان پھريان انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جي صدر ڪرم علي شاهه ڪرم پنھنجي خطاب ۾وزيراعظم کي اپيل ڪئي ته ھو سنڌ حڪومت  کي پريا جي آزاديءَ لاءِ خصوصي  ھدايتون جاري ڪري، ھن سپريم ڪورٽ کي به اپيل ڪئي ته پريا واقعي جو سو موٽو وٺي نياڻيءَ کي آزادڪرايو وڃي،  پنڊت مھاراج مھيش ڪمار شرما، سھڻي پارس ، آفاق ڀٽي،مسڪان ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.