تهران (م ڊ) ايران جي پرڏيهي وزارت آچر تي اسرائيل تي حملو ناڪام بڻائڻ ۾ مدد ڪرڻ تي برطانيه، فرانس ۽ جرمني جي سفيرن کي طلب ڪري ورتو آهي. ايراني خابرو اداري ”تسنيم“ موجب ايران سفيرن کان اسرائيل تي تهران جي جوابي حملن جي حوالي سان انهن ملڪن جي سفيرن کان ”غير ذميواراڻي موقف“ بابت سوال ڪيا. ڄاڻايل ٽن يورپي ملڪن اسرائيل خلاف ايران جي ڊرون ۽ ميزائل حملن جي مذمت ڪئي هئي. ايران جي پرڏيهي وزارت ۾ اولهه يورپ جي ڊائريڪٽر ٽنهي ملڪن تي ”ٻٽي معيار“ جو الزام لڳايو، ڇاڪاڻ ته انهن هن مهيني جي شروعات ۾ روس پاران تيار ڪيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هڪ بيان جي مخالفت ڪئي هئي، جنهن ۾ شام ۾ اسرائيل جي سفارتخاني تي حملي جي مذمت ڪئي وئي هئي.