اسرائيل چاهي ٿو ته جنگ ٿئي: عالمي معاملن جا ماهر

اسلام آباد(م ڊ )گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي نمائندي مليحه لوڌي چيو آهي ته ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ پهريون ڀيرو سڌو سنئون ٽڪراءُ ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن خطي ۾ جنگ پکڙجي ته ان جو پاڪستان تي به اثر  پوندو.جنگ وڌائڻ ڪنهن جي نه پر اسرائيل جي مفاد ۾ آهي.جيو نيوز سان ڳالهائيندي مليحا لوڌي چيو ته ايراني سفارتخاني تي اسرائيلي حملو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، جنهن کانپوءِ ايران تي ملڪ اندر ۽ ٻاهريان کان سخت دٻاءُ هو،مليحا لوڌي چيو ته ايران رڳو فوجي اڏن تي حملا ڪيا، سول تنصيات تي حملا نه ڪيا،، اسرائيل چاهي ٿو ته آمريڪا جنگ ۾ ملوث ٿئي ۽ آمريڪا سان گڏجي ايران تي حملو ڪري پر آمريڪا اهو نه چاهيندو.هن چيو ته آمريڪي عوام جي راءِ اسرائيل خلاف آهي، آمريڪي عوام به چاهي ٿو ته غزا جنگ ختم ٿئي.مليحا لوڌي چيو ته خطي ۾ جنگ وڌائڻ اسرائيل کانسواءِ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي وچ اوڀر ۾ سعودي عرب يا ڪو ٻيو ملڪ جنگ کي وڌائڻ نه چاهيندو، پاڪستان سميت مسلمان ملڪن کي گڏيل جواب ڏيڻ گهرجي.آمريڪا ۽ ايران نٿا چاهين ته جنگ ٿئي،مشاهد حسين چيو ته اسرائيل ڄاڻي واڻي ايران خلاف جارحيت ڪري رهيو آهي،ايران جو جواب جائز ۽ دفاعي هو، ايران ساڍا ٽي سئو ڊرون حملا ڪيا آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.