ايران پابنديون هٽائڻ لاءِ اسرائيل تي حملو ڪيو؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ناليواري وي لاگر آرزو ڪاظمي چيو آھي ته ايران پاڻ تي مڙهيل پابندين کي هٽائڻ لاءِ اسرائيل تي حملو ڪيو آھي ۽  ايران کي ھندستان جي به حمايت حاصل آھي. پنھنجي يو ٽيوب چينل تي ڳالھائيندي ھن چيو ته ايران پاڻ تي مڙهيل پابنديون ختم ڪرائڻ لاءِ ممڪن آھي ته اسرائيل تي وڌيڪ حملا به ڪري. ھن چيو ته جيتوڻيڪ آمريڪا چيو آھي ته اسرائيل ۽ ايران پاڻ منھن ڏين پر ان جي باوجود آمريڪا اٽڪل ستر ايراني ڊرون ڪيرايا به آھن. آرزو ڪاظمي چيو ته ان حملي بعد ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي شھرين کي سعودي عرب ۽ نار جي ملڪن جو سفر نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو آھي. ھن چيو ايران جو صدر به پاڪستان جي دوري تي اچڻ وارو آھي ان لاءِ پاڪستان مشڪل ۾ آھي ته نار جي ملڪن جو ساٿ ڏئي جن کان مالي مدد وٺندو رهيو آھي يا ايران جو ساٿ ڏئي. ھن چيو جيڪڏھن ايران تان پابنديون ختم ٿيون ته نقصان ۾ تيل پيدا ڪندڙ ملڪ ويندا انڪري انھن ۾ ڳڻتي پيدا ٿي آھي. پاڪستان ايران جي اسرائيل تي حملي کي سفارتي ناڪامي قرار ڏنو آھي ۽ پرڏيھي وزارت چيو آھي ته اھو ھڪ سنگين واقعو آھي جنھن جا اثر پوري خطي تي پوندا ۽ ان سان ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي. جڏھن ته اسرائيل چيو آھي ته هو ھرگز نه جھڪندو ۽ ان معاملي کي منھن ڏيندو. ھن چيو ته ھندستان ايران جي بندرگاه چاه بھار تي ڪم ڪري رھيو آھي ۽ ھو اندران ئي اندران ايران جو ساٿ ڏئي پيو. ايران تان پابنديون ھٽائڻ لاء ھندستان آمريڪا تي دٻاءُ به وجھي رھيو آھي.

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، سومر 15 اپريل 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.