جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي بدامني خلاف ۽ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ مظاهرا، ڌرڻا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي سنڌ ۾ بدامني خلاف، پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ۽ آبادگارن جي واهر نه ٿيڻ خلاف مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، سڪرنڊ ۾ جيئي سنڌ محاذ  چيئرمين رياض حسين چانڊيو ۽ نواز شاھ ڀاڏائي جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ ۾ بدامني، پريا ڪماري  ۽ ٻين مغوين جي آزادي لاءِ ۽ آبادگارن جي واهر نه ٿيڻ خلاف قومي شاهراھ تي بينظير انٽر چينج وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو جنهن سبب ٻنهين پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون ڌرڻي ۾ جسم ڪارڪنن کانسواءِ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻھن پڻ شرڪت ڪئي، رياض چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته افسوس آهي ته شاهوڪار سنڌ جا ماڻھو نااهل حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب  غربت، بي حسي، بي روزگاري ۽ بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، اسان جا چار مطالبا آهن، پنجاب پاران سنڌو درياءُ جو بند ڪيل پاڻي ڏنو وڃي، سنڌ جي آبادگارن کان  سرڪاري اگھه تي ڪڻڪ خريد ڪري کين باردانو ڏنو وڃي، پريا ڪماري کي فورن آزاد ڪرايو وڃي، سنڌ مان اغوا ٿيل سمورا مغوي فورن آزاد ڪرايا وڃن، سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي ان ڪري اسين چاهيون ٿا ته سنڌ کي ان حساب سان حق ڏنا وڃن، ميرپورماٿيلي ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ۽ سنڌ ۾ سرڪاري گدام نه کلڻ ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف ڪامريڊ نظير شيخ، ڪمال مھر، ايس يو پي اڳواڻ  اڪرم ميتلو ۽ عمر ڀيو جي اڳواڻي ۾ نيشنل ھاءِ وي بلاڪ ڪيو ويو، ٽنڊو آدم ۾ معصوم پريا ڪماري جي آزادي لاءِ آل هندو ڪڇي اتحاد  پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ريلي جي اڳواڻي ڊاڪٽر امرشي ڪڇي، ڊاڪٽر مهاديو ڪڇي، رامجي ڪڇي، جيمل داس، امر لال ڪري رهيا هئا، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي موري ۾ آبادگارن کان سرڪاري اگھه تي ڪڻڪ خريد نه ڪرڻ سنڌ ۾ ھٿرادو ڌاڙيل راڄ خلاف ۽ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي ڊيويزن اڳواڻ ابرار مورائي، وقار عباسي، باغي جنيد ڍلو، آڪاش سنڌي، توفيق چانڊيو، اشفاق ملڪ، ذيشان عالماڻي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا، راڻيپور ۾ سنگرار جي معصوم پريا ڪماري جي آزادي لاء جي ڊبليو سي  پاران قومي شاھراھ کان ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ سياسي سماجي وڪيلن  صحافين شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي جي اڳواڻي جي ڊبليو سي مرڪزي صدر  شوڪت نوناري صوفي ياسين راڄپر غلام حسين چانگ  علي جعفري رضا علي جعفري سيد زنوار شاھ شاھده ڀيلار ايڊوڪيٽ غزاله سھتو ڪري رهيا هئا، ڪوٽڙيءَ ۾ ٻولهاڙي اتحاد پاران سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پِريا ڪماريءَ جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٻولهاڙي اتحاد پاران سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پِريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ ۽ بااثر جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڊي سي آفيس کان ريلي ڪڍي ڪوٽڙي ڦاٽڪ تي احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي ٻولهاڙي اتحاد جي سربراھ يوسف سارنگ، جي ايم چانڊيو، برڪت گهوٽو، قومي عوامي تحريڪ جي اعجاز سومرو، سماجي اڳواڻ عرفان ملاح ۽ ٻين خطاب ڪيو، جيئي سنڌ محاذ ۽ سول سوسائيٽي پاران ٽنڊو الهيار پريس ڪلب اڳيان ڌار ڌار مظاهرا ڪيا ويا، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ باغي ڪالرو ، غلام رسول رند، سول سوسائيٽي اڳواڻ غلام حسين آريسر . رياض هنگورو . موهن لال مينگهواڙ ۽ ٻين خطاب ڪيو، سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ جھڏو ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ اياز کوسو ايڊوڪيٽ اياز ڪلوئي، سارنگ سنڌي ايڊوڪيٽ ممتاز کوسو نور محمد کوسو  جي اڳواڻي ۾ عوامي نگر پاڙي کان هڪ وڏي ريلي ڪڍي ٽائون ڪميٽي جهڏو اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ٽنڊومحمدخان ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان مرڪزي سڏ تي آبارگارن کي ڪڻڪ جو مقرر ٿيل سرڪاري اگهه نه ملڻ سنڌ ۾ ڌاڙيل راج ۽ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ضلعي صدر ايوب ڪوريجو، اصغر نوناري وجاد هاليپوٽو راجا خاصخيلي عاشق علي مزاري، عرفان ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽنڊومحمدخان حيدرآباد روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ذيلي تنظيم سنڌي ٻارڙن جي علمي ادبي ۽ قومي تنظيم لطيف سنگت سنڌ طرفان پريا ڪماريءَ کي ظالمن جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ لاءِ قائد عوام پريس ڪلب لاڙڪاڻو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ، ڪراچي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي سنڌ اندر ڌاڙيل راڄ، هارين جي حقن تي ڌاڙا، زراعت جي تباهي ۽ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ عبدالرحيم بروهي ڳوٺ ۾ ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج کي نيشنل ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي سربراهه ممتاز بروهي ۽ ٻين خطاب ڪيو، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي وارھ ۾ آبادگارن کان سرڪاري اگھ تي ڪڻڪ خريد نه ڪرڻ ھٿرادو ڌاڙيل راڄ خلاف ۽ پريا ڪماري جي آزادي لاء مرڪزي جنرل سيڪريٽري غفارميرجت ضلعي صدر ڊاڪٽر دريا خان ميرجت، ضمير ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، سيتا سرجڻهار فورم پاران 22 مهينا اڳ اغوا ٿيل سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ شروع ڪيل جدوجهد کي 20 ڏينهن ٿي ويا، فورم جي سرواڻ مشهور ميمڻ، شهزاد علي ميمڻ، شبير احمد بالادي، علي اڪبر خانزادو، آصف خانزادو، عبدالرزاق سيال، آذان ميمڻ، محبوب علي بالادي ۽ ٻين چيو ته پريا ڪماري کي جلد  آزاد ڪرايو وڃي، مظاهرن ۽ ڌرڻن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ هٿرادو بدامني پيدا ڪئي وئي آهي، سنڌ جي زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن، سنگرار مان اغوا ٿيل پريا ڪماري کي اڃان تائين آزاد ناهي ڪرايو ويو، سنڌ ۾ هارين ۽ آبادگارن جي حقن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن، پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين کي فوري آزاد ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.