اسرائيل ايران پاران ڪيل حملي کي روڪڻ لاءِ هڪ ارب ڊالر خرچ ڪيا:پرڏيهي ميڊيا

يروشلم ( م ڊ ) اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل گذريل رات ايراني حملي کي روڪڻ لاءِ اٽڪل هڪ ارب ڊالر خرچ ڪيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ايراني حملي دوران سمورا اسرائيلي جنگي جهاز هوا ۾ هئا، انهن کي بمباري ۾ تباهي جي خوف کان هوائي اڏن تي نه رکيو ويو. پرڏيهي ميڊيا اسرائيلي دفاع واري وزارت  جي ذريعن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته آمريڪي ۽ برطانوي فوجن 100 کان وڌيڪ ايراني ڊرونز کي اسرائيل کان ٻاهر روڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.