اسلام آباد جي بابوئن اسان کي غريب بڻايو آهي: صدر زرداري / پي اين اي پارٽ ٽو بڻائڻ جي ڪوشش پئي ٿئي:بلاول ڀٽو

لاڙڪاڻو(سٽي رپورٽر) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ توهان سان گڏ خوشي ملهائيندي مون کي به خوشي ٿي رهي آهي، اڄ تاريخ ۾ بي بي ڳالهائي رهي آهي  ته جيڪو فرض هوءَ ڇڏي وئي هئي اهو فرض  مان ادا ڪري ڇڏيو آهي،ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي واري جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته جنهن زماني ۾ بي بي شهيد پارٽي جو فرض مون کي ڏئي وئي ڪافي دوستن کي خبر نه هئي ته مان اهو سنڀالي سگهندس يا نه، بي بي کي حڪمت عملي ته ڏسو هن کي  خبر هئي ته پارٽي مان سنڀاليندس ان ڪري وصيعت ۾ هو چئي وئي ته مون 14 سال قيد ڪاٽي آهي، هو اسان جا حق سنڀاليندو،هن پارٽي لاءِ رڳو بينظير شهادت قبول نه ڪئي، ذوالفقار علي ڀٽو،بيگم نصرت ڀٽو، شاهنواز ،مرتضيٰ به قبول ڪئي ۽ هزارين شهيدن ڪئي،ڳڙهي خدابخش ۾ هزارين شهيد دفن آهن، انهن کي اسان حق ڏياريو، اهو عوام جي طاقت سان ڏياريو،هن چيو ته عوام ۽پ پ ورڪرن جي طاقت سان ٻيهر صدر ٿيو آهيان، مان جيل به ڪاٽيا آهن توهان جي طاقت سان،اڄ به توهان جي طاقت سان هلي رهيو آهيان،هر شئي پنهنجي عوام جي طاقت سان ڪندو آهيان،هن چيو ته اسان جي نصيب ۾ اهو لکيل ناهي ته پاڪستان غريب ملڪ رهي،اسلام آباد ۾ ويٺل بابوئن جي سوچ، سمجه،ڪم عقلي اسان کي غريب ڪيو آهي،پاڪستان غريب ملڪ ناهي، هر دولت پاڪستان وٽ آهي، اسان هر شئي کي سنڀالي سگهون ٿا،رڳو دماغ جي ڪجهه ڪمي آهي،اسان پاڻ ۾ ويهي سوچيون ته ڪهڙي شئي اسان وٽ ناهي،هن چيو ته  اقتدار ۾ عوام جي خدمت ڪرڻي آهي، پاڻ ۾ ويهو،ڳالهيون ڪريو،هڪ پوائنٽ تي اچو، پ پ 40 سالن کان وڙهي رهي آهي، ڪڏهن پٺتي هٽندي آهي، ڪڏهن ايڊوانس ڪندي آهي،ڪڏهن سائيڊ اسٽيپ ڪندي آهي، ڪڏهن فرنٽ تي ايندي آهي اهو طريقو سياست ۾ اسان کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو سيکاريو آهي،هن چيو ته  اسان پاڻ ۾ وڙهون ٿا ته پوءِ عوام لوڙهي ٿو،اسان جون قربانيون پنهنجي جاءِ تي پر عوام پسجي وڃي ٿو،ٻارن جو مقدر خراب ٿئي ٿو،اسان قدم سوچي سمجهي کڻون،ائين نه ٿئي جو ايندڙ نسل جو مستقبل خراب ٿئي، مان هر ڪم ۾ سوچيندو آهيان ته پاڪستان ۽ هن ڌرتي جو نقصان نه ٿئي، عوام جو نقصان نه ٿئي، عوام جو نقصان ملڪ جو نقصان آهي، هن چيو ته هر دور ۾ ماڻهن پاڪستان جو نقصان ڪيو آهي، اڄ تائين اهي نقصان ڀوڳي رهيا آهيون،عوام جي سوچ سان اسان ڪوشش ڪنداسين ته ايندڙ سياستدان اهي غلطيون نه ڪن،اسان سان گڏ هلن ۽ ڪوشش ڪن ته عوام کي گڏ کڻي هلن،سڀ کان وڌيڪ خوشي مون کي ان ڪري آهي ته  قيامت ڏينهن ڀٽو سان گڏ ويهندس ته هو مون کي چوندو ته  شاباس تو منهنجو پلاند ڪيو آهي،مان پهرين ڏينهن چيو هو ته ڳڙهي خدابخش تڏهن ايندس جڏهن هر پلاند ڪري وٺندس، اسان بي بي جو پلاند ڪيو،هينئر اسان ذوالفقار علي ڀٽو جو پلاند ڪيو،هر سڀني جو پلاند ڪنداسين،پاڪستان بڻائي سڀني جو پلاند ڪنداسين

لاڙڪاڻو(رپورٽ:عبدالوحيد ابڙو)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ملهائي رهيا  آهيون جنهن پاڪستان کي آئين ڏنو،پاڪستان جي عوام کي ووٽ جي طاقت ڏني، پاڪستان جي غريبن کي آواز ڏني، هارين کي زمينن جو مالڪ بڻايو،مزدورن کي طاقت ڏني ۽ پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو،ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي واري جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته عوام جي طاقت سان ٻن صوبن ۾ جيالا وڏا وزير، چيئرمين سينيٽ چونڊرايو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخ رقم ڪري آصف علي زرداري کي ٻيهر صدر پاڪستان چونڊرايو آهي، پاڪستان جو عوام پيپلز پارٽي مان ۽ خاص طور تي صدر آصف علي زرداري مان وڏي اميد رکي ويٺو آهي،صدر آصف علي زرداري جي پهرين دور ۾ اسان ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ ذريعي صوبن کي انهن جو حق پهچايو،اسان قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جي نعري کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي هن ملڪ جي غريب ترين عورتن لاءِ عملدرآمد ڪرايو، هن چيو ته 12 سالن کان پوءِ سپريم ڪورٽ مان اهو واضح ٿي ويو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان ناانصافي ٿي ۽ شفاف ٽرائل نه مليو، اها تاريخي ڪاميابي توهان سڀني جي ڪاميابي آهي، اسان کي ان سفر کي اڳتي کڻي هلڻو آهي،گذريل دور ۾ صدر آصف علي زرداري مفاهمت ذريعي سياسي ، معاشي ۽ جمهوري استحڪام آندو هو، تڏهن به گهڻيون قوتون جمهوريت تي يقين نه رکنديون هيون،هر وقت سازش ڪنديون هيون پر صدر زرداري انهن سمورين سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو،اڄ به ڪجهه اهڙا سياستدان آهن جيڪي پي اين اي پارٽ آڻڻ چاهين ٿا، ڪجهه اهڙا سياستدان آهن جيڪي پنهنجي ذاتي انا جي ڪري هن ملڪ جي قسمت سان کيڏن ٿا،عوام جي قسمت سان کيڏن ٿا، اهي سازش ٺاهي رهيا آهن ته ڌانڌلي جو راڳ ڳائي هن ملڪ ۾ ٻيهر سياسي عدم استحڪام آڻڻ چاهين ٿا،معاشي بي يقيني کي جاري رکڻ چاهين ٿا اسان انهن سمورين قوتن کي ياد ڏيارڻ چاهيون ٿا ته ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن وزيراعظم هو ته ڪجهه سازشي عنصرن 9 ستارا بڻائي مهم هلائي هئي،انهن جي خيال هو ته اهي قائدعوام کي حڪومت مان ڪڍي پاڻ حڪومت ايندا پر انهن جي تحريڪ جي نتيجي ۾ پاڪستان 10 سال آمريت ڀوڳي،هن چيو ته اڄ به اهو ئي خطرو آهي ته اسان سياستدان اهڙو ماحول نه بڻايون، اسان قومي مفاهمت تي ڌيان نه ڏينداسين، گارگند جي سياست کيڏندا رهياسين ته ان سان پاڪستان جي معاشي ترقي نه ٿي سگهندي،ان سان جههوريت جو نقصان ٿيندو، سڀ کان پهرين نقصان عوام جو ٿيندو آهي، مان ملڪ جي سمورين سياسي قوتن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي هوش کان ڪم وٺن،سياست سياست جي دائري ۾ رهي ڪن، هن نظام لاءِ پ پ ڪارڪنن ۽ قيادت شهادت قبول ڪئي،هن نظام کي ڪو خطرو نه ٿي وڃي،پ پ اها تجويز ڏئي رهي آهي ته سمورن سياستدانن ۽ پارٽين کي چارٽر آف نيشنل ري ڪنسليشن تي ڪم ڪرڻ گهرجي، سان کي جهيڙن، گارگند، ڌرڻا ڌرڻا بدران ميز تي ويهي سياسي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، جمهوريت،اداري ۾ ترميم ڪري بهتري آڻي سگهجي ٿي ذوالفقار علي ڀٽو شهادت جي 45 سالن بعد به پنهنجي قبر مان حڪومتون ٺاهي ۽ ڪيرائي رهيو آهي، هن چيو ته 10 نڪاتيايجنڊا تي اسان پنهنجي صوبائي حڪومتن ذريعي عملدرآمد ڪرائينداسين، صوبائي بجيٽ ذريعي عوام کي رليف ڏيارينداسين،هن چيو ته اسان جو عوام پريشان آهي،سياستدانن ۽ حڪومت جي ترجيح هئڻ گهرجي ته عوام کي ان بحران مان ڪڍرائجي،اسان وفاقي سطح تي به پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين،هن چيو ته گذريل دور ۾ اسان ميثاق جمهوريت تي 90 سيڪڙو عمل ڪيو، هاڻي جيڪو 10 سيڪڙو رهي ٿو اهو عدالتي سڌارن جو سيڪشن آهي، پ پ سمورين سياسي پارٽين، سول سوسائٽي ۽ قانوندان سان گڏجي عدالتي سڌارن لاءِ ڪوششون ڪندي،هن وقت عوام جو ادارن تي اعتماد بحال ڪرائڻ جي ضرورت آهي،هن چيو ته قائد عوام سان ناانصافي ٿي آهي ته ان سان گڏ وقت جي آمر سان گڏ عدليه به شريڪ هئي، اسان سڌارا آڻي اهو يقيني بڻائينداسين ته مستقبل ۾ عدليه يا ڪو به ادارو ان قسم جو حادثو نه ڪري،عدالتن مان عوام کي انصاف ملڻ گهرجي، ائين نه ٿئي جو 45 سالن کان پوءِ خبر پئي ته غلطي ٿي، اسان ميثاق جمهوريت تي عمل ڪريون، عوام کي معاشي انصاف ڏياريون، غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي مان کين تحفظ ملي، پ پ ان جدوجهد ۾ پهرين صف ۾ ڪردار ادا ڪندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.