ايران خلاف آپريشن ۾ آمريڪا، اسرائيل جو ساٿ نه ڏيندو:جو بائيڊن

واشنگٽن (م ڊ ) ايران جي اسرائيل تي 200 ڊرون ۽ ميزائل حملن کانپوءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ٽيليفونڪ  رابطو ڪيو ۽ هن واضح ڪيو ته آمريڪا ايران تي جارحاڻي آپريشن ۾ ساٿ نه ڏيندو. آمريڪي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر جو بائيڊن نيتن ياهو کي ٻڌايو ته آمريڪا ايران خلاف جارحاڻي آپريشن ۾ حصو نه وٺندو، اها ڳالهه ٻولهه جو بائيڊن ۽ نيتن ياهو وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطي دوران ٿي. رابطي دوران جو بائيڊن اسرائيلي وزيراعظم کي آمريڪا جي حمايت جو يقين ڏياريو. آمريڪي صدر نيتن ياهو کي ٻڌايو ته هن اسرائيل جي حملن خلاف دفاع ۽ حملن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ صلاحيت جو مظاهرو ڪيو آهي. آمريڪي صدر چيو ته پنهنجي دفاع جو مظاهرو ڪري اسرائيل پنهنجي دشمنن کي واضح پيغام ڏنو آهي ته هو اسرائيل جي سلامتي کي خطري هيٺ نٿا آڻي سگهن، ٻئي پاسي  ايران جي حملن کانپوءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن وائيٽ هائوس ۾ قومي سلامتي ٽيم سان هنگامي ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ دفاع واري وزير لائيڊ آسٽن، پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن، چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ۽ انٽيليجنس ايجنسي جي سربراهه سميت ٻين شرڪت ڪئي. صدر بائيڊن چيو ته هو اسرائيل جي سيڪيورٽي خلاف ايران کان خطرن کي مانيٽر ڪري رهيو آهي.بائيڊن انتظاميا حملي تي اسرائيل ۽ ٻين اتحادين سان رابطي ۾ آهي.ايران جي حملي کانپوءِ آمريڪا وچ اوڀر ۾فوجين جو انگ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ٻئي پاسي آمريڪي عملدارن چيو آهي ته ايران جي اسرائيل تي حملي جي جواب ۾ آمريڪي فورسز 70 کان وڌيڪ ايراني ڊرونز ۽ گهٽ ۾ گهٽ 3 بيلسٽڪ ميزائل ڪيرايا، صدر بائيڊن ايراني حملن جي مذمت ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.