ڪراچي ۾ سئوٽن هٿان قتل ٿيل ڳوٺاڻي جو لاش ڏهرڪي پهتو

ڏھرڪي (ت ر) ڏھرڪي جو ڳوٺاڻو ڪراچي ۾ پنھنجي سئوٽن ھٿان بي دردي قتل، ڏھرڪي جي ميراڻي ڳوٺ جو رھواسي ڳوٺاڻي ظھور ميراڻي  کي جوابدارن ڪراچي جي وچ بازار ۾ ڪات ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، حد جي پوليس مقتول جو لاش واقعي واري ھنڌ کان کڻائي ضروري ڪارروائي بعد سندس وارثن حوالي ڪيو، وارثن مقتول جي لاش کي ڏهرڪي پنهنجي ڳوٺ آندو، مقتول جو لاش اوچتو گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. سندس يتيم ڪيل ڌيئرون پنھنجي مقتول پيءُ جي لاش کي اوچتو گھر ۾ ڏسي زارو قطار روئڻ لڳيون، واقعي بابت مقتول جي سئوٽ ظفر ميراڻي ۽ ٻين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تھ مقتول ظھور ميراڻي جو گل حسن ۽ غلام حيدر ميراڻي وارن سان سڱاوتي تڪرار ھلندڙ ھو جنھن تڪرار سبب ھو ڏھرڪي ڇڏي ڪراچي جي چڪرا ڳوٺ ڏانھن لڏي ويو جتي ھن درزڪو ڪم شروع ڪيو. گذريل ڏينھن ھو بازار ۾ سبزي وٺڻ لاءِ ويو تھ سبزي جي دڪان تي سندس سئوٽن گل حسن ۽ غلام حيدر ميراڻي ھن مٿان ڪات سان حملو ڪري سندس ڳلو، ھڪ ٻانھن ۽ ھڪ ڄنگهه به ڪٽي ڇڏي. جنھن ڪري هُن موقعي تي دم ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.