پنوعاقل (ن ع آ) پنوعاقل جي قومي شاهراھ ڀرسان حاجي خان لنڪ روڊ تي ڏوھاري ٿاڌل ھلائيندڙ 2 پورھيتن کي اغوا ڪري کڻي ويا، ڏوھارين بائجي ٿاڻي جي حد پنوعاقل جي قومي شاهراھ ڀرسان ڪاروائي ڪري ٻن پورھيتن ڪامران ۽ پيارو رياستي کي اغوا ڪري کڻي ويا، پيرا ڪچي جي آخري درياهه وٽ گم ٿي ويا ، پنوعاقل جي سڌوجا چوڪ وٽان تنيا مارڪيٽ ۾ ٿاڌل ھلائيندڙ پنجاب واسين ٻن پورهيتن ڪامران ۽ پيارو رياستي کي ڏوھاري اغوا ڪري کڻي ويا آھن ، اطلاع تي پوليس پهچي پيرا کنيا، ڏوھارين جا پيرا ڪچي ۾ درياھ وٽ گم ٿي ويا ، پوليس موجب ڏوھاري ٻنھي پورهيتن کي اغوا ڪرڻ بعد ڪچي جي درياھ پار ٽپائي ويا آھن. جڏهن ته مغوين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ پوليس جي وڏي تعداد۾ نفري ڪچي۾ لٿل آهي، واضح رهي ته اغوا ٿيندڙ پنجاب واسي گرمين جي موسم ۾ پنوعاقل اچي مختلف ھنڌن تي اسٽال ھڻي ٿاڌل ٺاھي وڪرو ڪرڻ جو ڪاروبار ڪندا آهن،