ڪوئيٽا(م ڊ)مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته شريف خاندان قيدي نمبر 804 کان ڊنل آهي. ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ عوام کي شعور ڏنو آهي، ايندڙ دور پي ٽي آءِ جو آهي ۽ اهي حڪومتون ختم ٿينديون.هن چيو ته سندس پارٽي آئين ۽ قانون جي بالادستي چاهي ٿي، هي پراڻو پاڪستان ناهي، هن چيو ته بلوچستان جا وسيلا اتي جي عوام تي خرچ ٿيڻ گهرجن، جيڪو به صوبو هجي، وسيلا اتي جي عوام تي خرچ ٿيڻ گهرجن.