پني عاقل ڀرسان ڌاڙيل 2 پورهيتن کي اغوا ڪري ويا

پنوعاقل (ن ع آ) پنوعاقل جي قومي شاهراھ ڀرسان حاجي خان لنڪ روڊ تي ڏوھاري ٿاڌل ھلائيندڙ 2 پورھيتن کي اغوا ڪري کڻي ويا،  ڏوھارين بائجي ٿاڻي جي حد پنوعاقل جي قومي شاهراھ ڀرسان ڪاروائي ڪري ٻن پورھيتن ڪامران ۽ پيارو رياستي کي اغوا ڪري کڻي ويا، پيرا ڪچي جي آخري درياهه وٽ گم ٿي ويا ، پنوعاقل جي سڌوجا چوڪ وٽان تنيا مارڪيٽ ۾ ٿاڌل ھلائيندڙ  پنجاب واسين ٻن پورهيتن ڪامران ۽ پيارو رياستي کي ڏوھاري اغوا ڪري کڻي ويا آھن ، اطلاع تي پوليس پهچي پيرا کنيا،  ڏوھارين جا پيرا ڪچي ۾ درياھ وٽ گم ٿي ويا ، پوليس موجب ڏوھاري ٻنھي پورهيتن کي اغوا ڪرڻ بعد ڪچي جي درياھ پار ٽپائي ويا آھن. جڏهن ته مغوين کي  آزاد ڪرائڻ لاءِ پوليس جي وڏي تعداد۾ نفري ڪچي۾ لٿل آهي، واضح رهي ته اغوا ٿيندڙ پنجاب واسي گرمين جي موسم ۾ پنوعاقل اچي مختلف ھنڌن تي اسٽال ھڻي ٿاڌل ٺاھي وڪرو ڪرڻ جو ڪاروبار ڪندا آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.